لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز جو چوڻ آهي ته سياسي مخالفن جا بيان نه رڳو نواز شريف پر سندس نسلن کان به خوف جو عڪس آهي ۽ ڪجهه ماڻهن جي قسمت ۾ ئي رڳو ڊڄڻ ۽ روئڻ پٽڻ لکيل آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز جو چوڻ هو ته نواز شريف خلاف 17 سال پراڻن ريفرنسن جو مطلب واضع آهي ته ان خلاف پاناما ڪيس ۾ ڪجهه نه مليو. سندس چوڻ هو ته مخالفن جا سمورا بيان نه رڳو نواز شريف پر سندس نسلن کان به خوف جو عڪس آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي قسمت ۾ رڳو ڊڄڻ ۽ روئڻ پٽڻ لکيل آهي.