ڪراچي( م ڊ ) پاڪ سرزمين پارٽيءَ جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪجهه مائينڊ سيٽ محب وطن ماڻهن کي بدظن ڪري رهيا آهن، ميان سياست ۾ نه اچي ها ته ڪيس ئي نه ٺهي ها، منهنجي سياسي جدوجهد کانپوءِ ڪرپشن جو ڪيس ٺاهيو ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ نيب جي عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته منهنجي پارٽي مشهور نه ٿي ها ته مون کي هي ليٽر نه ملي ها، ڪو آئن اسٽائن سوچي رهيو آهي ته مون تي لاڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته مون پنجن سالن تائين راتيون جاڳي ڪراچي کي ٺاهيو ۽ پنهنجي هٿن سان 300 ارب رپيه خرچ ڪيا، بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي فرق جي ماڻهن جي خدمت ڪئي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته مون تي ڪرپشن جو ڪو به الزام ناهي، شهر ۾ منهنجي خاندان جي زمين يا شادي هال ناهي ۽ نه وري ملڪ کان ٻاهر منهنجي ڪا ملڪيت آهي. هن چيو ته کيس پيش ٿيڻ جو لٽر مليو ۽ مان ٻيو ڀيرو نيب جي عدالت ۾ پيش ٿيو آهيان. سندس چوڻ هو ته سندس ناظم واري دور جو مسئلو آهي جيڪو ڪجهه به ناهي.