ڪجهه طاقتون خطي ۾ جنگ چاهين ٿيون پر هن وقت خطو جنگ کي برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت اڃان به ڪيترن ئي ملڪن سان رابطي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن پاڪستان کي بليڪ لسٽ قرار ڏنو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه طاقتون خطي ۾ جنگ چاهين ٿيون پر هن وقت خطو جنگ کي برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي. جنگ ٿي ته ان جا اثر عالمي معيشت تي پوندا

۽ اسان نٿا چاهيون ته خطي ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ ٿئي ان لاءِ وزيراعظم ٻنهي ملڪن سان پاڻ رابطي جو فيصلو ڪيو. جڏهن ته ايراني صدر سان به تمام سٺي ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي.وزيراعظم سڀاڻي سعودي عرب ويندو جتي هن جي اتان جي اڳواڻن سان ملاقات ٿيندي. جيڪڏهن ٻن پاڙيسري ملڪن ۾ غلط فهميون آهن ته اهي ختم ڪيون وڃن. پرڏيهي وزير چيو ته اسان جي حڪومت اها واحد حڪومت آهي جنهن مني لانڊنگ بابت سخت ڪم ڪيو. ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان پنهنجو موقف پيش ڪندو. حماد اظهر ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. جڏهن ته ڀارت اڄ به بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ ان جي لاءِ هو ڪيترن ئي ملڪن سان رابطن جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *