ملتان(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته عمران خان جي آمريڪا دوري جا اثر سامهون اچي رهيا آهن، ڪجهه طاقتون افغانستان ۽ پاڪستان ۾ امن چاهين ٿيون، 10 فوجين جي شهادت تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، انهن اسان جي تحفظ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون.ملتان ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزيراعظم جو آمريڪا دورو ڪامياب رهيو، ان جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن، پهريان افغانستان جي حالتن جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏنو پئي ويو پر اڄ آمريڪا، روس، چين ۽ يورپي ملڪ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪري رهيا آهن ۽ اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستاني فوج دنيا جي بهترين فوج آهي، پاڪ فوج جي 10 بهادر جوانن اسان کي محفوظ رکڻ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، هن جو چوڻ هو ته ڪجهه طاقتون افغانستان ۾ امن نه ٿيون چاهين جلد انهن طاقتن کي بي نقاب ڪنداسين.