ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صنعتن ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ڪجهه صنعتڪار 2018 ۽ ڪجهه 2023 ۾ سياست ۾ ايندا، هن ڀيري پيپلزپارٽي ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ سيٽون کٽيندي. اهڙن خيالن جواظهار هن پنهنجي آفيس ۾ سپر سائيٽ هائي وي جي صنعڪارن سان ملاقات دوران ڪندي ڪيو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان هن ڀيري پهريان کان گهٽ سيٽون کڻندي ڇو جو هاڻ اها پارٽي نه رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ سنڌ حڪوت جي اولين ترجيع آهي،سنڌ حڪومت صنتعي ايريائن ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. ان موقعي تي سائيٽ سپر هائي وي ايسوسيئيشن جي صدر قيصر وحيد چيو ته سائيٽ سپرهائي وي ۾ سنڌ حڪومت تمام سٺا روڊ ٺهرايا آهن ۽ صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪيا آهن. منظور وساڻ عوامي ماڻهون آهن انهي ڪري جلد اسان جا مسئلا حل ٿيا آهن. ان موقعي تي ملاقات دوران سائيٽ سپرهائي ايسوسيئيشن جو صدر قيصر وحيد، وائيس پريزيڊنث سيد سردار عالم،جمشيد چاندي والا، سيڪريٽري صنعت عبدالرحيم سومرو ۽ ٻياموجود هيا.