ڪجهه ذِڪر هئيت التحرير ۽ محمد الجولاني جو…!
December 13, 2024 at 12:10 am(ٽيون حصو)
بي بي سي جي تازي پروپيگنڊا مان “لاڀ” پرائيندڙ ڪجهه پاڪستاني دانشور، صحافي ۽ فرقيواراڻي سوچ جا مالڪ، ماضيءَ بابت جيڪي ڪوڙ کي اُڏائي رهيا آهن، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. مثال طور، علوين جي ڳجهن عقيدن جي باري ۾ “فيشني” دعوائون ۽ شام ۾ مسلمانن جي فتح بابت ڳالهايل ڪُوڙ. انهن ٻنهي ۾ گهڻي ڀاڱي اهي عنصر ۽ انهن جو اولاد مصروف آهي، جن کي شام ۾ اڳوڻين ٻن ناڪام بغاوتن دوران “جهاد براءِ نڪاح” جي فتويٰ ڏئي، پاڪستان سميت دنيا جي ٻين علائقن کان عورتون ايمان تازو ڪرڻ لاءِ شام موڪليون ويون هيون.
جهاد بالنڪاح جي ايماني دولت ميڙيندڙ پاڪستاني عورتن ۾ هڪ اڳوڻي صحافي ۽ موجوده يوٽيوبر جي ڀيڻ سميت ڪيتريون ئي عورتون شامل هيون. انهن عورتن جي تربيت جو الزام ڊاڪٽر رفعت هاشمي جي ديني اداري تي لڳايو ويو هو، جنهن جي هن ترديد ڪئي. پر شام ڏانهن ويندڙ عورتن مان ڪجهه جو ان اداري جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي (هن وقت) شاگردياڻيون هجڻ ثابت ٿيو هو.
هئيت تحرير الشام جي تازين ڪاميابين کانپوءِ اسرائيل جي خوشي لڪائيندي به نٿي لڪي. ٻئي طرف، سڌ سماءَ جا ذريعا ٻڌائي رهيا آهن ته اسرائيلي هوائي فوج سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات ۽ اڱاري جي صبح، شام جي فوجي ۽ هوائي اڏن تي حملو ڪري، انهن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اها خبر پڻ سامهون آئي آهي ته اسرائيل، شامي فوجي هيڊ ڪوارٽر کانسواءِ شام جي دفاعي ميزائل نظام کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ سان گڏوگڏ والاريل گولان جي بفر زون ۾ اڳتي وڌندي، ڪيترائي علائقا قبضي ۾ وٺي چڪو آهي ۽ اهو پڻ ته اسرائيلي فوجي دستا ۽ ٽئنڪ دمشق جي ”ويجهو” پهچي چڪا آهن.
ظاهري طور تي، هن وقت صورتحال بلڪل اها ئي آهي جيڪا عراق ۾ صدام حسين جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ کانپوءِ وارن ڏينهن نظر اچي رهي هئي، جتي اسرائيل موقعو وٺندي عراق جي ڪيترن ئي اهم دفاعي تنصيبات کي نشانو بڻايو هو.
هاڻي اڳتي وڌڻ کان اڳ، شام جي موجوده بغاوت جي اڳواڻ “هئيت تحرير الشام” جي سربراهه ابو محمد الجولاني بابت ڪجهه ڄاڻ وٺون ٿا. احمد حسين الشرع عرف ابو محمد الجولاني 1982ع ۾ رياض، سعودي عرب ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سعودي عرب ۾ پيٽروليم انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو هو.
2020ع ۾، آمريڪي ٽي وي نيٽورڪ “پي بي ايس” کي ڏنل انٽرويو ۾ محمد الجولاني نه رڳو سعودي عرب ۾ پنهنجي پيدائش جي تصديق ڪئي، پر اهو به ٻڌايو ته سندس والد شاگردي واري زماني ۾ عرب قوم پرست هو. جيڪو شام ۾ (جمال عبدالناصر جي عرب نيشنل ازم) ناصريت پسندن سان گڏجي هڪ وڏي عرب جمهوريه جي قيام لاءِ سرگرم هو.
سندس خاندان والاريل جولان (گولان) جي جابلو سلسلي جي هڪ جابلو ڳوٺ جو رهندڙ هو. 1967ع ۾ عرب اسرائيل ڇهه ڏينهن واري جنگ دوران، اهو خاندان سوين ٻين شامي خاندانن جيان بي گهر ٿي ويو. شاگردي واري زماني ۾، الجولاني جي والد کي ان وقت رياستي تشدد ۽ جيل جي سختين کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن 1961ع ۽ 1963ع جي بغاوتن کانپوءِ شام ۾ بعث پارٽي، ناصريت (عرب جمهوريه) جي حامين خلاف ڪارروايون شروع ڪيون. شام جي بعث پارٽي، متحده عرب جمهوريه جي تحليل ٿيڻ کان پوءِ وجود ۾ آئي. سوشلسٽ نظرين واري بعث پارٽي کي شروع ۾ عراقي بعث پارٽي جي اهم اڳواڻن جو سهڪار حاصل رهيو.
جولاءِ 1971ع ۾، محمد الجولاني جو والد اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جيل مان فرار ٿيو. ان دوران، هن فلسطيني آزاديءَ واري تنظيم جي مجاهدن سان سهڪار لاءِ اردن جو سفر پڻ ڪيو. هي اهو وقت هو، جڏهن اردن ۾ “بليڪ سيپٽمبر” جي نالي سان فلسطيني عوام خلاف ٿيندڙ ظلمن کان پوءِ، پي ايل او ۽ ٻين فلسطيني گروپن پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار اردني حڪومت خلاف ننڍين ڪارروائين ذريعي ڪندا رهيا.
اردني قيادت پاران فلسطيني عوام تي ٿيندڙ وحشي ظلم اڄ به “بليڪ سيپٽمبر” جي نالي سان فلسطينين جي يادگيرين ۾ محفوظ آهن. ياد رهي ته بليڪ سيپٽمبر جي ان ڪارروائيءَ ۾ اردن ۾ مقرر ٻن پاڪستاني فوجي آفيسرن، بريگيڊيئر محمد ضياءُ الحق (پاڪستان جو ٽيون فوجي آمر) ۽ فضائيه سان لاڳاپيل خاقان عباسي (جيڪو ضياءُ الحق جو ويجهو ساٿي رهيو ۽ جوڻيجو دور ۾ وفاقي وزير پڻ رهيو) شامل هئا. خاقان عباسي، جوڻيجو دور ۾ اوجڙي ڪيمپ ڌماڪن ۾ هڪ ميزائل لڳڻ سبب مارجي ويو. شاهد خاقان عباسي، ان جو ي فرزند آهي.
اوجڙي ڪيمپ ڌماڪن جي رپورٽ تي عمل ڪرائڻ جي خواهش، محمد خان جوڻيجو جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجي. بهرحال، پاڪستاني تاريخ جو اهو واقعو اسان جي موضوع جو حصو نه آهي، پر جڏهن به بليڪ سيپٽمبر جو ذڪر ٿيندو، ته انهن ٻن پاڪستاني فوجي آفيسرن جو ذڪر ضرور ٿيندو.
محمد الجولاني جي والد کي بعد ۾ سعودي عرب ۾ پناهه ملي، جتي هن پيٽروليم انجنيئر طور ڪم ڪيو. انهي عرصي دوران، هن هڪ سعودي عورت سان شادي ڪئي، جنهن مان 1982ع ۾ احمد حسين الشرع عرف ابو محمد الجولاني پيدا ٿيو.
الجولاني جو والد، 1989ع ۾ صدر بشار الاسد پاران ڏنل معافي کانپوءِ سعودي عرب ڇڏي شام موٽي آيو. الجولاني دمشق جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٽئين سال جو شاگرد هو، جڏهن هن تعليم ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ القاعده جي عراق چيپٽر ۾ شامل ٿي ويو. عجيب اتفاق آهي ته شام جي موجوده ڪامياب بغاوت کان پوءِ اقتدار وڃائڻ ۽ روس ۾ پناهه وٺندڙ اڳوڻو صدر بشار الاسد پڻ پنهنجي والد حافظ الاسد جو جانشين سمجهيو ويندڙ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي ٽريفڪ حادثي ۾ وفات کان پوءِ ميڊيڪل جي اڌوري تعليم ڇڏي، وطن واپس آيو ۽ سياسي عمل جو حصو بڻيو.
ساڳي طرح، ابو محمد الجولاني پڻ پنهنجي ميڊيڪل تعليم مڪمل ڪرڻ بدران القاعده ۾ شامل ٿي ويو ۽ بعد ۾ شام جي بغاوت جو هڪ اهم اڳواڻ بڻيو.
سال 2003ع ۾ الجولاني ان وقت القاعده ۾ شامل ٿيو جڏهن آمريڪا عراق تي قبضو ڪيو هو. الجولاني تمام جلد پنهنجي ساٿين ۾ نمايان ٿي القاعده جي عراق چيپٽر جي سربراهه ابو معصب الزرقاوي جو اعتماد وارو ساٿي بڻجي ويو. الزرقاوي اردن جو شهري هو ۽ عراق ۾ آمريڪا خلاف القاعده کي منظم ڪرڻ جو سهرو ان جي سر تي آهي. 2006ع ۾ الزرقاوي مارجي ويو، جنهن کانپوءِ محمد الجولاني عراق مان لبنان هليو ويو، جتي هن جندالشام نالي لبناني عسڪري تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ان جو آپريشنل ڪمانڊر بڻجي ويو.
جندالشام بنيادي طور تي حزب الله جي خلاف سلفي عقيدي وارن لبناني ۽ شامي ماڻهن جي تنظيم هئي. هي تنظيم ڪجهه سال ئي قائم رهي سگهي. 2006ع ۾ حزب الله ۽ اسرائيل جي جنگ ۾ حزب الله جي ڪاميابي ان جي مخالف عسڪري تنظيمين جا حوصلا پست ڪري ڇڏيا. هڪ هڪ ڪري سلفي عقيدي واريون ٽئي تنظيمون، جندالشام، الجهاد الاسلامي براءِ خلافت ۽ حزب الشام جهڙيون تنظيمون تحليل ٿي ويون. انهن تنظيمن جي اڳوڻن اڳواڻن ايندڙ سالن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر القاعده جو حصو بڻجڻ قبول ڪيو.
2021ع ۾ آمريڪي ٽي وي چينل “فرنٽ لائن” کي ڏنل انٽرويو ۾ الجولاني الزرقاوي سان ملاقات ۽ ذاتي لاڳاپن جي ترديد ڪئي ۽ چيو ته 2003ع کان 2006ع تائين هن ڪنهن به عسڪري تنظيم جي اڳواڻي نه ڪئي. پر محمد الجولاني، القاعده عراق چيپٽر جي مارجي ويل سربراهه الزرقاوي جي گهرواري جي انهن الزامن جي باري ۾ سوالن جو ڪڏهن به جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن الزرقاوي جي گهرواري، الجولاني، طيب احمد الحضرمي ۽ عبدالله بن طلحه تي الزام لڳائيندي چيو هو ته، ان جي مڙس کي مخبري ڪري انهن ٽنهي آمريڪين سان پنهنجا رابطا وڌايا.
(هلندڙ)