ڪجهه انڪل جي ڇڏي وڃڻ جي پرواهه ناهي، ڪارڪن گڏ آهن: بلاول ڀٽو

لاهور (م ڊ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀٽو جي شهادت بعد بينظير ڀٽو کي به ڪجهه انڪل ڇڏي ويا هئا، هاڻي مون کي به ڪجهه انڪل ڇڏي ويا آهن، مون کي انهن جي ڇڏي وڃڻ جي پرواهه ناهي، ڪارڪن مون سان گڏ آهن، ساهيوال ڊويزن جي عهديدارن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ نظرياتي جماعت آهي، ان جي پاڙن ۾ شهيدن جو رت آهي، اسان جا مخالف اسٽيبلشمينٽ جي جماعت آهن، پ پ عوامي پارٽي آهي، پيپلز پارٽي وٽ ئي ملڪي ۽ عوامي مسئلن جو حل آهي، بلاول ڀٽو چيو ته اسان جي جدوجهد رڳو اقتدار لاءِ ناهي، نظريي ۽ عوام لاءِ آهي، هن چيو ته پيپلز پارٽي جو منشور ۽ نظريو عوامي آهي، جيالن رت ۽ پگهر ڏئي هن پارٽي کي زنده رکيو آهي، اسان آمرن ۽ دهشتگردن کان ناهيون ڊنا، هي مخالف ڇا ڪندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *