” ڪتا ڀونڪندا رهندا ۽ قافلا هلندا رهندا آهن“ اتر ڪوريا جو ٽرمپ جي بيان تي رد عمل

نيويارڪ ( م ڊ ) اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  طرفان اتر ڪوريا کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي ڌمڪي کي ڪتي جي ڀونڪڻ سان ڀيٽ ڪئي آهي. نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اها چوڻي آهي ته ڪتا ڀونڪندا رهندا آهن ۽ قافلا هلندا رهندا آهن. هن چيو ته آمريڪي صدر جو خيال آهي ته هو اسان کي ڀونڪندڙ ڪتي جي آواز سان پريشان ڪري سگهي ٿو ته اها سندس خام خيالي آهي. سندس چوڻ هو ته ٽرمپ جي تقرير جيڪي گجندا آهن سي وسندا نه آهن برابر آهي. اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن ڊونڊ ٽرمپ پنهنجي داٻي واري تقرير سان اسان کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو خواب ڏسي رهيو آهي. هن چيو ته اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ کي راڪيٽ چوڻ تي کين افسوس آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *