ڪتاب تي تبصرو نفيسه شاهه جون ڪارو ڪاريءَ جي ڪڌي رسم خلاف خدمتون

January 31, 2017 at 11:30 pm

نظر محمد ڳاهو

دنيا جي مشهور آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس طرفان تازو سنڌ جي هڪ نازڪ سماجي برائي ”ڪارو ڪاريءَ“ تي اتر سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جي عنوان Honour In masked نالي سان انگريزي ٻوليءَ ۾ بين الاقوامي معيار جو هڪ ڪتاب ڇپايو ويو آهي، جنهن ۾ سيده نفيسه شاهه ان موضوع تي ڪيل تمام گهڻي تحقيق کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي.

دراصل سيده نفيسه شاهه آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ لنڊن جي انٿروپالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ ان عنوان تي PHD ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، ان يونيورسٽيءَ طرفان مليل ان سبجيڪٽ تي هُن هڪ ٿيسز (مقالو) لکيو، جنهن کي مڃتا ڏيندي کيس ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ڏني وئي، سنڌي ٿيسز کي ڪتابي صورت ۾ آڻي سڄي دنيا اندر ڦهلايو ويو آهي. سيده نفيسه شاهه جيلاني سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه جيلانيءَ جي نياڻي ۽ سنڌ جا ٻه وڏا نالا مشهور قانوندان اي ڪي بروهي ۽ سنڌ جي اطلاعات کاتي جو اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري ۽ مشهور اهل قلم ۽ صحافي علي احمد بروهي سندس ماما ٿين.

علمي ۽ سياسي گهراڻي ۾ پيدائش ۽ وڏو ٿيڻ ڪري هن جي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڊگهي نظر رهي آهي. هو ٻه ڀيرا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ خيرپور ضلعي جي ناظمه به رهي آهي.

سيده نفيسه شاهه پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات هڪ مشهور انگريزي مئگزين نيوز لائن ۾ تحقيقي مقالا لکڻ سان شروع ڪئي ۽ بعد ۾ انگريزي اخبار ڊان ۾ مختلف مسئلن تي ڪالم لکندي رهي. ان دوران 1998ع کان 2004ع تائين مسلسل ڇهه سال لاڳيتو ڪارو ڪاريءَ جي مسئلي تي تحقيق ڪئي، جنهن دوران سنڌ ۾ ڪاري قرار ڏنل عورتن جي وارثن سان ملاقاتون ڪيون، پر انهن عورتن جي قاتلن سان به ملاقاتون ڪيون. هن ان معاملي تي ٿيل جرڳن تي به لکيو آهي ۽ سنڌ ۾ قبائلي جرڳن تي مهارت رکندڙ سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن سان به انٽرويو ڪيا، جن ۾ اتر سنڌ ۾ سردار منظور احمد پنهور کان وٺي سردار علي احمد پتافي تائين سرداري جرڳن جا پراڻا ڄاڻو شامل آهن. ليکڪه نه فقط سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪيو پر ان عنوان تي مختلف ٻولين ۾ لکيل اخباري مضمون به سهيڙيا آهن ۽ انهن جو انگريزي ترجمو به ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. سيده نفيسه شاهه اتر سنڌ جي ڏورانهن علائقن ميلن جا ميل پنڌ ڪري ڪارو ڪاريءَ جا سڏجندڙ قبرستان به ڏٺا، جتي عام ماڻهن طرفان کيس اهو ٻڌايو ويو ته اسان ڪاري ٿيندڙ عورتن کي يا مردن کي ماري کين بنا ڪنهن جنازي نماز ڪفن جي کڏ کوٽي پوري ڇڏيندا آهيون ۽ انهن پوريل مڙهن مٿان ڪا به قبر ڪو نه ٺاهيندا آهيون، نه وري ڪارو ڪاري تحت مقتولن لاءِ ڪنهن به مذهبي رسم رواج جي ضرورت محسوس ڪندا آهيون، پر انهن جي عمل کي پنهنجي غيرت جي خلاف عمل سمجهندا آهيون. سيده نفيسه شاهه ڪارو ڪاري الزامن کان جرڳن، فيصلن ۾ آجو ٿيندڙ ڪردارن سان ملاقاتون به ڪيون آهن، جن کي سنڌيءَ ۾ سستي عورت سڏيو ويندو آهي. هن مختلف اهم شخصيتن جي حويلين ۾ سام طور ويٺل عورتن سان روبرو ملاقاتون ڪيون. هُن سنڌ ۾ سڱابنديءَ لاءِ پراڻي ”ڏي وٺ“ تحت نوجوان عورتن کي پوڙهن مڙسن سان شادي ڪرايل عورتن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. سيده نفيسه سياسي ڪڌ ڪاٺ جو رکندڙ بلوچستان جي سردارن، ميرن، پيرن ۽ مرشدن کان ذري ذري جي معلومات ورتي ۽ ان مسئلي تي عورت سجاڳ تنظيمن، روشن خيال شاعرن، اديبن ۽ دانشورن سان به ڳالهايو آهي. هن مسئلي تي مختلف تنظيمن طرفان وقت بوقت ٿيندڙ سيمينارن، مباحثن ۾ ٿيندڙ تقريرن ۽ تحريرن کي قلم بند ڪيو آهي، نه فقط ايترو پر ملڪ اندر مرڪزي توڙي صوبائي سطح تي مختلف دورن جي حڪومتن طرفان جوڙيل قانونن ۽ عدليه ۾ مختلف ليول تي هلندڙ ۽ فتويٰ ڪيسن تي ڊگهو بحث ڪيو آهي، ان باري ۾ پاڻ وڃي عدليه جي سينيئر ججن ۽ سينيئر وڪيلن سان به ڊگهيون ڊگهيون معلوماتي ڪچهريون به ڪيون. مختلف وقتن تي پارليامينٽ ۾ پاڻ طرفان پيش ڪيل قانوني ترميمن جو ذڪر به تفصيلي انداز ۾ ڪيو آهي. هن سڄي دنيا جي ملڪن ۽ هندستان جي راجستاني علائقي ۾ به عورتن سان مختلف طريقن سان ڏاڍ کي پڌرو ڪيو آهي. سيده نفيسه شاهه مختلف مذهبن جهڙوڪ اسلام، عيسائيت، هندو ڌرم، يهوديت ۾ عورتن لاءِ مان ۽ مرتبي جو تقابلي جائزو پڻ پيش ڪيو آهي.

سيده نفيسه شاهه دنيا جي عالمن ۽ اڪابرن سان ٿيندڙ خط و ڪتابت به ڏني آهي ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ سندس لائق استادن جهڙوڪ ڊاڪٽر پروفيسر رابرٽ پرڪن، ڊاڪٽر ويڊي جيمسن جي ڏنل معلومات کي بيان ڪيو آهي. پاڻ سان گڏ سيده نفيسه آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي طرفان هن ڪم ۾ هٿ ونڊائيندڙ دوستن، ڊاڪٽر جيڪولان، ڊاڪٽر هيلن ڪالوي، ڊاڪٽر لليڊا سسياما، ڊاڪٽر گينور ڪوهن ۽ پروفيسر ابنر ڪوهلن، ڊاڪٽر علي سن شا ۽ ٻين جي ڏنل معلومات کي به ساراهيو آهي.

پاڪستان اندر جن شخصيتن ساڻس ڀرپور تعاون ڪيو آهي، ان ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سينيٽر صغريٰ امام، عائشه گذردر، بشريٰ گوهر، سينيٽر روبينه خالد پشاور ۽ مرحوم رضيه ڀٽي حيدرآباد جا نالا شامل آهن، ان سان گڏ هن پنهنجي والد سيد قائم علي شاهه جيلاني پنهنجي ڀائرن سيد اميد علي شاهه جيلاني ۽ افضل علي شاهه، پنهنجي بي بي انيتا اسد شاهه پنهنجي ڀينرن ناهيد شاهه، نصرت شاهه ۽ نزهت شاهه جي تعاون جي به گهڻي تعريف ڪئي آهي. بهرحال سيده نفيسه شاهه جيلانيءَ جي قلم سنڌ جي هن نازڪ مسئلي تي اهڙو دستاويز سنڌيءَ قوم کي ڏنو آهي، جنهن کي پڙهي انساني ضمير جنجهوڙجي وڃي ٿو. سنڌ جي ساڃاهه وند مترجمن کي کپي ته هن جي ڪتاب کي جلد کان جلد سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري قوم جي خدمت ۾ هڪ قدم اڳتي وڌائين.

اي پيپر