ڪا سازش نظر نه پئي اچي، سينيٽ توڙي عام چونڊون وقت تي ٿينديون: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مون کي يقين آهي ته سينيٽ چونڊون وقت تي ٿينديون، عام چونڊون به 15 جولاءِ جي لڳ ڀڳ ٿينديون، هن وقت مون کي ڪو به آئيني بحران نظر نه پيو اچي، مون سميت حڪومتي توڙي مخالف پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن ۽ ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا نه ٿئي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نواز شريف عدالتي فيصلي کانپوءِ مون کي وزيراعظم لاءِ نامزد ڪيو، جيڪا مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، نواز شريف اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به معاملي ۾ مداخلت ناهي ڪئي، سندس مداخلت جي حوالي سان اهي ماڻهو خبرون ڏيندا آهن، جيڪي نواز شريف کي نٿا سڃاڻن. سندس چوڻ هو ته گوادر ڪمرشل پورٽ ۽ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي،  ڀارت پهرين ڏينهن کان وٺي سي پيڪ خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيو آهي، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جو گڏيل معاهدو آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪي صدر جي بيان کانپوءِ به آمريڪي فوج سان ڳالهيون جاري آهن، آمريڪا جو وفد هتي آيو هو، اسان جو وفد به آمريڪا ويو هو، ڳالهين جو عمل هر سطح تي جاري آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *