ڪا به رنڊڪ اچي سي پيڪ کي ڪامياب بڻائينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو خطي ۾ وڏي پيماني تي بهتري آڻيندو، منصوبو پاڪستان، اولهه چين ۽ خطي لاءِ گيم چينجر آهي، ان جي ڪاميابيءَ لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام انتهائي ضروري آهي، ڪا به رڪاوٽ اچي سي پيڪ کي ڪامياب بڻائينداسين، منصوبي جي حوالي سان اسان جي صلاحيتن تي ڪنهن کي ڪو شڪ نههجڻ گهرجي، عوام جي سهڪار سان پاڪستان کي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کان محفوظ بڻائي رهيا آهيون ۽ سي پيڪ منصوبي کي انشاءَ الله ڪامياب بڻائينداسين، آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سي پيڪ لاجسٽڪ انٽرنيشنل فورم کي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ جي ڪاميابي نه رڳو پاڪستان جي ڪاميابي آهي پر ان جي ڪاميابيءَ سان خطي ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، چين سان گڏ لاڳاپن تي فخر آهي ۽ چين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ ترقي ايندي، جڏهن ته پاڪ چائنا اقتصادي راهداري منصوبو خطي ۾ وڏي پيماني تي بهتري آڻيندو پر سي پيڪ جي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام انتهائي ضروري آهي، چين جو ون بيلٽ ون روڊ ويزن پوري دنيا جي لاءِ آهي، جڏهن ته سي پيڪ خطي ۾ وڏي پيماني تي بهتري آڻيندو، قوم جي حيثيت سان اسان هن موقعي مان فائدو کڻي سگهون ٿا، اسان واپار، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قانونن ۽ قاعدن کي بهتر بڻائڻو پوندو، 2030 تائين اقتصادي ڀائيواري ڪامياب ڪرڻ منهنجو خواب آهي، فوج ۽ سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا سي پيڪ جي سڪيورٽي لاءِ تيار آهن پر سي پيڪ جي ڪاميابيءَ لاءِ سمورن ادارن کي سهڪار ڪرڻو پوندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *