اسلام آباد: (بيورو) دفاعي وزير پرويز خٽڪ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف کي وارننگ ڏئي ڇڏي.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف فاٽا جي سيٽن بابت بل تي جارحاڻي تقرير ڪئي جنهن کانپوءِ بچاءُواري وزير پرويز خٽڪ خيالن جو اظهار ڪندي کيس خبردار ڪيو ته خواجا آصف صاحب ڪاوڙ نه ڪريو، اسان کي به ڪاوڙ ايندي آهي، اوهان رڙيون ڪندو ته اسان به چپ نه ويهنداسين، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي اسان پنهنجي اسپيڪر جي تحفظ لاءِ بيهي وڃون.پرويز خٽڪ جي جملن تي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن احتجاج شروع ڪيو ۽ پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف چيو ته پرويز خٽڪ اسان جو اسپيڪر سڏيو، ڇا اوهان پوري هائوس جا سپيڪر ناهيو؟ پرويز خٽڪ جي لفظ کي حذف ڪيو وڃي.راجا پرويز اشرف جي اعتراض تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته مان پهريان چئي چڪو آهيان ته مان پوري ايوان جو اسپيڪر آهيان.