حيدرآباد(رپورٽر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي ڪامريڊ ڄام ساقي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪامريڊ ڄام ساقي هارين، مزدورن ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، هن انساني برابري، امن، انصاف، تعليم ۽ انقلاب جا خواب ڏٺا ۽ ان لاءِ عوام کي جاڳايو. آمريت جي ڪاري دور ۾ همت، حوصلي ۽ جدوجهد جا ڏيئا ٻاريا.جيل ۽ سختيون برداشت ڪيون. هن اهڙو اظهار ڪامريڊ ڄام ساقي جي لاڏاڻي تي تعزيتي پيغام ۾ ڪيو آهي. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي ماضي ۾ سرمائيداري، جاگيرداري ظالم نظام ۾ پيڙجندڙ پورهيت عوام جي حقن ۽ انهن جي خوشحالي لاءِ سنڌ جي شهر، شهر ۽ ڳوٺ، ڳوٺ وڃي عوام کي بيدار ڪيو.