ڪراچي( هه آ) تعليم ۽ خواندگي واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته ڪاليجن ۾ شاگردن کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪندي سندن کان داخلا فيس ۽ امتحاني فيس نه ورتي ويندي ۽ حڪومت اها فيس پاڻ ادا ڪندي جڏهنته هڪ اندازي مطابق سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ في ٻار تي تقريبن 16 هزار رپيا خرچ ٿين ٿا جڏهن ته ايتري وڏي رقم خرچ ٿيڻ جي باوجود سرڪاري ادارا گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. اها ڳالهه اڄ هن ڪاليج پرنسپلز لاءِ ڪوٺايل ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ سان اسڪائوٽس آڊيٽورين ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي سيڪريٽري تعليم ڪاليجز پرويز احمد سيهڙ، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز ڊاڪٽر ناصر انصاري، سمورن ريجنل ڊائريڪٽرن ڪاليجز ۽ پوري صوبي جي ڪاليجن جا پرنسپل به موجود هئا. صوبائي وزير تعليم وڌيڪ چيو ته ڪاپي ڪلچر مهذب معاشري تي تمام وڏو داغ آهي ۽ ان داغ کي مٽائڻ لاءِ معاشري جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز بشمول استادن، والدين ۽ شاگردن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته جن مرڪزن تي امتحانن ۾ ڪاپي جي شڪايت ملندي انهن مرڪزن جي ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل کي ٻيهر ڊيوٽي نه ڏني ويندي ۽ جيستائين اسان انهن ٻارن کي پنهنجو ٻار نه سمجهنداسين ان وقت تائين تعليمي معيار بهتر نٿو ٿي سگهي ۽ اسان کي اها ڳالهه سمجهي وٺڻ گهرجي جڏهن تعليمي معيار ڪَري ٿو ته معاشري ۾ برائيون جنم وٺن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته تعليم جي شعبي ۾ خامين جا اسان سڀ ذميوار آهيون ۽ اها ڳالهه افسوس جوڳي آهي ته ٻين صوبن جي مقابلي ۾ بهتر نه آهي. هن چيو ته امتحانن ۾ غيرتدريسي عملي جي ڊيوٽي نه لڳائي وڃي ۽ جيڪڏهن ايئن ڪيو ويو ته لاڳاپيل تعليمي اداري جي سربراهه خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. صوبائي وزير تعليم چيو ته استاد پنهنجا فرض ايمانداري سان انجام ڏين ۽ ايئن نه ڪندا ته اها دوکيبازي آهي ۽ ايئن نه ٿئي ته انهن جو اهو عمل سندن ٻارن جي سامهون اچي. هن سيڪريٽري تعليم ڪاليجز کي هدايت ڪئي ته جيڪي پرنسپل اڄ ورڪشاپ ۾ حاضر ناهن ٿيا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ان کان علاوه صوبائي وزير تعليم جونيئر ماڊل اسڪول فئريئر روڊ، گورنمينٽ قمرالاسلام سيڪنڊري اسڪول پنجاب ڪالوني، گورنمينٽ ڊگري ڪاليجز زم زمه گذري ۽ گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول عبدالله شاهه غازي جو دورو ڪيو ۽ انهن اسڪولن ۾ صفائي سٿرائي جي ناقص صورتحال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، تعلقي ايجوڪيشن افيسر عبدالڪريم سميجو کي ناقص ڪارڪردگي تي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.