اسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي تهشهباز شريف کي عدالت اچڻ جو شوق آهي، کيس گهرايو ته اچڻو پئجي ويندو. حڪومت پنهنجو ڪم پاڻ ڪري ته مداخلت نه ڪنداسين. پنجاب ۾ ورڪ چارج ملازمن جي مستقلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ۾ ڪئي وئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عاصمه حامد چيو ته ملازمن جون 2012ع ۾ ٿيل ڀرتيون غير قانوني آهن، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڀرتيون ڪنهن جي حڪم تي ڪيون ويون. عاصمه حامد چيو ته ڀرتيون پنجاب جي وڏي وزير جي حڪم تي ڪيون ويون آهن، چيف جسٽس چيو ته ڇو نه شهباز شريف کي نوٽيس جاري ڪيو وڃي، حڪومت پنهنجي وڏي وزير جون ڀرتيون غير قانوني قرار ڏئي رهي آهي، سرڪاري ادارن جي ورڪ چارج تي نوڪريون ڏيڻ قانون سان فراڊ آهي، ڀرتيون ظاهري طور بد نيتي تي ٻڌل هيون. عاصمه حامد چيف جسٽس کي چيو ته اهڙا لفظ منهنجي کاتي ۾ نه وجهو، چيف جسٽس چيو ته وڏي وزير کي گهرايو ته کيس پيش ٿيڻو پئجي ويندو، هونئن به شهباز شريف کي عدالت ۾ اچڻ جو ڏاڍو شوق آهي. عدالت ملازمن جي مستقلي خلاف حڪومت جي اپيل خارج ڪري ڇڏي. هوڏانهن چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ءَ ۾ بئنچ پمز اسپتال جي بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر جي بندش بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پمز اسپتال جو بون ميرو ٽرانسپلانٽ سينٽر کولڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سينٽر کي 4 وڳي تائين فعال ڪيو وڃي. چيف جسٽس حڪم ڏنو ته نئين مقررين تائين موجوده عملو ڪم جاري رکندو، حڪومت موجوده عملي کي سموريون بقايائون ادا ڪري ۽ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نئون عملو مقرر ڪيو وڃي. عدالت سمورن برطرف ملازمن کي به فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته حڪومت پنهنجو ڪم پاڻ ڪري مداخلت نه ڪنداسين پوءِ چوندا ته سپريم ڪورٽ ڪم ۾ مداخلت ڪندي آهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا هر ڪم سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ٽن ڄڻن جي ڪري سڄو سينٽر بند ٿي ويو. چيف جسٽس چيو ته سرڪار جا ڪم به عدالت کي ڪرڻا پيا پون. ماڻهو چون ٿا اسان پنهنجي ڪم جي قرباني پيا ڏيون. آئون ته ڇنڇر ۽ آچر تي به موڪل نه ڪندو آهيان.113041