ڪالاباغ ڊئم جو نالو مڪو يا مدينو رکيو وڃي ته به قبول ناهي: راشد محمود

سکر(رپورٽر) جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جو نالو مڪو ۽ مدينو ڊيم رکيو وڃي ته پوءِ به اسان کي قبول ناهي، ملڪ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهيا وڃن ٽن صوبن ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪالاباغ ڊيم اسان جي لاشن تي ٺهي سگهي ٿو، ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ڊيم خلاف سنڌ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي اسيمبليون به رد ڪري چڪيون آهن، ان لاءِ ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي کي ٻيهر جيئرو نه ڪيو وڃي، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي، بيٺل فصل تباهه ٿي رهيا آهن انسانن ۽ جانورن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي جنهن ڪري جانور مري رهيا آهن، عالمن به اتفاق راءِ سان ڪالاباغ ڊيم خلاف فتويٰ جاري ڪئي آهي، هن چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي ڪوٽڙي بئراج تائين نه پيو پهچي جنهن ڪري سمنڊ 26لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي، ڪالاباغ ڊيم اسان جي لاشن تي ته ٺهي سگهي ٿو پر جيستائين سسيءَ ۾ ساهه ان وقت تائين ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ته شهيد خالد محمود سومرو به ڪالاباغ ڊيم خلاف وڏي جدوجھد ڪئي ۽ فتوائون به جاري ڪرايون، ڌرڻا، احتجاج به ڪيا جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن، ان لاءِ ڪالاباغ ڊيم واري مامري کي نه اٿاريو وڃي جيڪو ملڪي سلامتي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.06

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *