بيجنگ (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چين ۾ خطاب دوران ڪرپشن کي ترقي آڏو سڀ کان وڏي رنڊڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪاش هو به چيني صدر جيان 500 ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪلي سگهي ها. بيجنگ ۾ عالمي واپاري کي هٿي ڏيارڻ لاءِ قائم چيني ڪائونسل کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ملڪ جي ترقيءَ آڏو سڀ کان وڏي رُڪاوٽ ڪرپشن آهي، اسان کي سکڻ جي ضرورت آهي ته چين ماڻهن کي غربت مان ڪيئن ڪڍيو؟ پهرين چين پاڪستان کان سکيو ۽ هاڻ پاڪستان چين کان سکندو. وزيراعظم چيو ته چيني صدر زي جن پنگ ڪرپشن خلاف سخت مهم هلائي رهيو آهي ۽ اُن جو ئي نتيجو آهي جو چين ڪرپشن ۾ ملوث 400 وزيرن کي جيل موڪليو. ڪاش آئون به چيني صدر جي پوئيواري ڪندي 500 ڪرپٽ ماڻهن کي جيل موڪلي سگهان، ڇاڪاڻ جو ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ڪرپشن آهي. سي پيڪ جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اُنهن منصوبن ۾ ڪيترين ئي وزارتن جي عمل دخل جي ڪري سي پيڪ اٿارٽي قائم ڪئي وئي، گڏوگڏ گوادر سمارٽ پورٽ سٽي منصوبي کي به بهتر بڻايو ويو آهي. پاڪستان تعميرات، تيل جي صنعت، ڪوئلي ۽ سون جي صنعت ۾ به چين طرفان سيڙپڪاري ٿيڻ جي خواهش رکي ٿو.