ڪاش! هِيءَ سموري مِٽي ماني ٿي پوي!

November 14, 2024 at 2:34 am

نت روز هزارين سِرون وجهندي هاڻي هٿن ۾ ساهه ناهي رهيو. مُون حياتيءَ ۾ ايترو اَٽو ناهي ڳوهيو، جيتري مِٽيءَ ڳوهي آھي، پر پوءِ به پيٽ جي بُک نٿي وڃي. بَٺن جو دُونهون ايترو اکيون نٿو ڪڍي، جيترا بُک آنڊا وڍي ٿي. بُک جيڪا وڏي بي رحم آھي، اُن کي ڪهڙي خبر ته جن وٽ پائڻ لاءِ ڍنگ جو ڪپڙو به ناهي، اُنهن وٽ کائڻ لاءِ ڀلا ڇا هوندو؟ پوءِ به بک لڳي ٿي، ائين جيئن بَٺن جا مالڪ اسان جي پويان هٿ ڌُوئي لڳا آھن. اسان جي عمر ڳري ويئي پر قرض نه لٿو. قرض جي بوجهه ۾ اسين اَڇا ڏند ڪرڻ کان به رهجي وياسين. سدائين مرچ کائيندي لَسي بدران لُڙڪ پيتا آھن. ڪڏھن ڪڏھن اڻ مُندائتا مِينهن به اسان مان ڪسر ڪڍي ويندا آھن. مِينهن ۾ سِرون ناهن ڳرنديون پر اسان جا سرير ڳرندا آھن، ڇو ته ڳريل سرون سيٺ اسان کان وري نئين سر وجهرائيندا آھن.

سِرن جو اگهه اڄ چئوڻ تي ٿي ويو پر اسان جي تئوڻ به پُوري نٿي ٿئي، اسين ته اڄ به ساڳي اگهه ۾ سِرون وجهون ٿا، ڪيڏي نه ناانصافيءَ آھي جو مِٽي اسين ڪَمايون ۽ پئسا سيٺ ڪمائين. محنت اسين ڪريون ۽ مُنافعو سيٺ کائين. ڪيڏي نه اُلٽي گنگا آھي، جو هزارين سِرون اسان جي سامهون پچن ٿيون پر اسان کي اهڙي سِر نٿي ملي جو ڪو پڪسرو چونئرو ٺاهي سگهون. اسين ته اونهارا سيارا آسمان جي هيٺان بَٺن جي دز ۾ ڪَٽيون ٿا.

اَمان! هي مِٽي منهنجي سنڌ جي آھي. هي مِٽي منهنجو پيٽ ڀري ٿي! ڀرت ڀرڻ واري وهيءَ ۾ آئون پيٽ ڀرڻ لاءِ پانپرا ڪريان پيئي، منهنجي قسمت سان قدرت ايڏو کيڏي آھي جو رانديڪن سان کيڏڻ جيتري مون کي وقت وِٿي ئي نه ڏني. منهنجي ڪُنڍي نَڪُ ۾ رول گول جو ڪوڪو به ناهي، سون ته اسان وٽ “سوناڻي پاڻيءَ” لاءِ به ناهي. پاريٻي جي پيرن جهڙا منهنجا پير جُتي بدران آٿر پائي بٺ ڪاڙھي ۾ مون سان همسفر رهيا آھن. پينسل هِل واري سينڊل ته پري جي ڳالهه، مون کي هوائي چپل به نٿي ملي. اُڳندي سُورج جھڙيون مُنهنجون اکيون سُرمي جي سرائي لاءِ سڪي ويون آھن، پر پوءِ به اَمان! مُنهنجين اکين ۾ مِٽي سُرمي وانگي سُونهي ٿي. مِٽي، جنهن جي مهڪ اسين سپني ۾ به سُڃاڻي وٺون ٿا. اسين جيڪي مِٽيءَ جو حقيقي اولاد آھيون. مِٽيءَ سان محنت ڪندي مِٽيءَ تي ئي سُمهي پئون ٿا.

اَمان! بٺن تي بٺ ڪاڙھي ۾ مِٽيءَ جا پِنوڙا ٺاهيندي ڪڏھن ڪڏھن سوچيندي آھيان ته ڪاش! هي سموري مِٽي ماني ٿي پوي ته کائي ڍؤ ڪريان، وري پنهنجي منهن کلندي به آھيان. من ئي من ۾ سوچيندي آھيان ته مٽي به ڪڏھن ماني ٿي آھي! مِٽي ماني ٿئي ها ته ڪرهء ارض تي ڪوبه لنگهڻ نه سُمهي ها، ائين جيئن آئون ڪڏھن ڪڏھن سُمهندي آھيان. ماڻهو مال کي لنگهڻ ناهن ڇڏيندا، اسين ته انسان هُوندي به فاقا ڪاٽي زندگيءَ جا ڪيڪ ڪاٽيون ٿا! اَمان! ڪالهه جنهن تلاءُ تان مُون پاڻيءَ پيتو هو، اُن ساڳي تلاءُ مان ڪُتن به پيتو پئي ۽ پريان روڊ تي بيٺل ڪار ۾ ڪنهن منرل واٽر سان پير ڌُوتا پئي. موت جھڙو هي منظر ڏسي دل ڀرجي آئي. سوچيم ته اسين انسان هوندي به حيوانن سان گڏ پاڻي پيئون پيا. اسان کي ته پيئڻ لاءِ صاف پاڻي به نٿو ملي. بُخار اچي ته گوري نٿي ملي، ان ساڳي گندي پاڻيءَ سان پَٽيون ڪندي بُخار جو اُتار ڪريون ٿا ته لڳي ٿو زندگي اسان سان پَٽي ڪري ويئي آھي..!

آئون اوهان کي ڪلوئيءَ ۽ عُمرڪوٽ کان ويندي نئون ڪوٽ جي ڀر ۾ بَٺن تي به ملي وينديس، جتي مُنهنجو تعارف مِٽي ڪرائيندي. اُھا مِٽي جيڪا مون کي مائٽن کان وڌ سُڃاڻي ٿي ۽ آئون به کيس چڱي طرح سُڃاڻان ٿي. وقار ملاح کي ڪهڙي خبر ته مِٽي ماءُ ڪيئن ٿيندي آھي؟ ڪڏھن بَٺن تي بَٺ ڪاڙھي ۾ ڪو مِٽيءَ مان پَنوڙو ٺاهي ڏسي ته خبر پوي ته “مِٽي مُنهنجي ماءُ” ماس ڪيئن کائيندي آھي. ڪوڏر ڪنڌ ڪيئن ڀڃندي آھي؟ مُون پنهنجي حياتيءَ ۾ مِٽي ڪمائيندي جيترا مرچ کاڌا آھن، ايترا سنڌُ ۾ بَٺا به ناهن. مون کي بَٺن جي باھ ايترو نٿي جلائي، جيترو مهنگائي سرير ساڙي ٿي. سِرن جو اگهه اَٽي وانگي آسمان تي پهتو آھي، پر مُون کي مزوري زمين واري به نٿي ملي، جو سج لٿي مهل چَنڊ جھڙو ڪو رُکو ئي سهي، پر مُڪمل لولو کائي سگهان. لولو جنهن لاءِ سڄو سنسار لُڇان ٿي، پوءِ به اڌ به نٿو ملي. ڇاڪاڻ ته آئون پورهيت آھيان…!

هي ڪهاڻي اُنهن هزارين مزدُورن جي درد ڪٿا آھي، جيڪي پنهنجن ٻارن ٻچن سميت سِرن جي بَٺن تي ڏينهن رات محنت ڪن ٿا پر پوءِ به اُجورو نٿو ملي. بَٺن جي مافيا سِرن جا اگهه آسمان تي چاڙھي ڇڏيا آھن. ڪو غريب ماڻهو گهر به نٿو ٺاهي سگهي. هزارين مزدورن جون زندگيون داوَ تي لڳل آھن. نه اُنهن جو بيماري سيماري ۾ علاج ٿئي ٿو، نه پيئڻ لاءِ پاڻي ملي ٿو، نه کائڻ لاءِ ڍنگ جو لولو ملي ٿو. نه اجهو نه لَٽو ملي ٿو. بنهه بي رحميءَ سان انهن کان ڪم وٺندڙ بَٺا مافيائن جي ڪن ۾ جهلي ڪير پُڇڻ وارو ناهي ته اوهان هيڏو ظُلم ڇو ٿا ڪريو؟ جڏھن مزدورن جو اُجورو اڳوڻو ساڳيو آھي ته سِرن جو اگهه به ساڳيو رکو ته جيئن ڪو غريب ماڻهو گهر ته ٺاهي سگهي. حڪومت کي نماڻي التجا آھي ته اهڙو ڪو قانون آڻيو، جنهن تحت انهن بَٺا مافيائن جي نَڪ ۾ نوڙي وجهي سگهجي ۽ هزارين مزدورن کي محنت جو ڦل ملي سگهي..!!

اي پيپر