ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو): وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروبار جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، ڇو ته ننڍا ڪاروبار ڪندڙ هميشه ملڪ کي مٿي کڻندا آهن.اسلام آباد ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي درخواست ڏيندڙن ۾ چيڪ تقسيم واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيرعاظم چيو ته پروگرام ۾ شافيت جو خيال رکيو ويو آهي. چاهيون ٿا ته ميرٽ تي چيڪ تقسيم ٿين. جن چيڪ وصول ڪيان آهن انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو.وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت جو ڪم هوندو آهي ته نوڪريون پيدا ڪري، ماڻهن کي اميد آهي ته حڪومت ڪاروبار جي لاءِ سهولتون پيدا ڪندي، جيڪو محنت ڪندو آهي اهو هميشه مٿي ايندو آهي.وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ اهو ملڪ اڳيان نڪرندو آهي جنهن جي ميرٽ جو سسٽم بهتر هوندو آهي. اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ميرٽ کي مٿي آڻڻو آهي. آمريڪا ۾ ٽاپ جا بزنس مين پاڪستاني آهن. ڪامياب معاشري ۾ ميرٽ هوندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *