ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ هاڻي امداد نه پر تجارت جي پاليسي تي عمل جي ضرورت آهي: پاڪستان

واشنگٽن (اين اين آءِ) آمريڪي گادي واري هنڌ جو دورو ڪندڙ هڪ پاڪستاني وفد جي ميمبرن چيو آهي ته آمريڪا سان ويجهن لاڳاپن کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ ۽ ڪاروباري لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ هاڻي امداد نه پر تجارت جي پاليسي تي عمل جي ضرورت آهي آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير علي جهانگير جي مقرري کان پوءِ پاڪستاني وفد پنهنجي پهرين دوري ۾ هن آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ سينيئر آمريڪي عملدارن سان ملاقات ڪئي ۽ ان تاثر سان واپس آيا ته آمريڪي به پاڪستان سان بهتر واپار ڪرڻ جي لاڳاپن جا خواهشمند اهن ان بابت سي اي او جي ايس گلوبل ڪئپيٽل لميٽيڊ ڪامران ناصر چيو ته آمريڪي عملدار به پاڪستان سان بهتر تجارت جا لاڳاپا چاهين ٿا پر عملدارن پاڪستاني وفد کي چيو ته دوستاڻو ڪاروباري ماحول قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان کي سمورين صورتن ۾ دهشتگردي کي ختم ڪرڻو پوندو وفد ۾ شامل حبڪو جو سي اي او خالد منصور جو چوڻ هو ته سيڙپڪارن جا حوصلا وڌائڻ خاص طور تي اريڪا سان تعلق رکندڙن لاءِ پاڪستان کي سيڪيورٽي صورتاحال کي بهتر بڻائڻو پوندو ملاقات دوران اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ عملدارن پاران پاڪستان کي اهو به ياد ڪرايو ويو ته پئرس سان تعلق رکندڙ فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس پهريان ئي دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ ۾ مبينه طور تي ناڪامي تي پاڪستان کي سينسر ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪري رهي آهي هن زور ڀريو ته پاڪستان کي هن مسئلي کان بچڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *