ڪاروان ڀٽو ٽرين مارچ پڊعيدن ريلوي اسيٽشن پهچڻ تي شاندار استقبال، جيالن جو رقص، جيئي ڀٽو، جيئي بلاول جا زوردار نعرا

نوشهروفيروز(ڊ ر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪراچي کان شروع ڪيل ڪاروان ڀٽو ٽرين مارچ پڊعيدن ريلوي اسيٽشن پهچڻ تي شاندار استقبال، جيالن جو رقص، جيئي ڀٽو، جيئي بلاول جا زوردار نعرا. ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته خان صاحب توهان چيو هو ته اين آر او ڪنهن کي به نه ملندو پر توهان عليم خان، مشرف ۽ طالبانين سان اين آر او ڪري يوٽرن ورتو آهي توهان چيو هو ته عوام پيپلزپارٽي سان ناهي اڄ پڊعيدن اچي ڏسو عوام جو سمنڊ اٿلي پيو آهي اسان جي ٽرين مارچ سان توهان جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن جڏهن اسان لانگ مارچ جو سڏ ڏنو ته پوءِ توهان جو ڇا ٿيندو. هن چيو ته ٽيڪس جي مد ۾ سنڌ مان اربين رپيا حاصل ٿين ٿا جنهن مان سنڌ کي پنهنجو حصو نٿو ملي وفاق ڌاڙو هڻي ويٺو آهي عمران خان جي حڪومت عوام کي ڪو به رليف فراهم ناهي ڪري سگهي عوام کي جيڪي به دلاسا ڏنا ويا حڪومت انهن مان هڪ واعدو وفا ناهي ڪيو عوام کي لکين گهر ڏيڻ جي دعوا ڪندڙ هڪ گهر به ناهن ڏئي سگهيا عوام کي سهولتن بجاءِ مهانگائي ڏني وئي آهي هي ڪهڙي حڪومت آهي جيڪا دهشتگردن ۽ ڪالعدم تنظيمن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهي هي بزدل حڪومت آهي تاريخ ۾ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي 20 سالن کان پوءِ ڀٽو اسيمبلي ۾ پهتو هي ماڻهو اپوزيشن کي برداشت نٿا ڪن هي سمجهن ٿا ته بلاول ڀٽو زرداري ڊڄي ويندو اسان ڊڄڻ وارا ناهيون اسان ڄمي مقابلو ڪنداسين هن چيو ته منهنجو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو جنھن تي اعليَ عدليه به اهو سوال ڪيو ته نالو ڇو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته 4 اپريل تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ گڏ ٿي سڄي دنيا کي پيغام ڏيندا ته اڄ به ڀٽو، بينظير جا ڪارڪن جيالا موجود آهن ان موقعي تي وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي صدر نثار احمد کهڙو، اعجاز ڌامراهه ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ، ايم اين اي سيد ابرار شاهه، ايم پي اي ممتاز علي چانڊيو، ايم پي اي شهناز انصاري، ضلعي صدر فيروز احمد جمالي، خان اعواڻ، پير خالد سيف الله، علي شير ڀرٽ، غضنفر راڄپر ۽ ٻيا چونڊيل نمائندا قافلن جي صورت ۾ پڊعيدن ريلوي اسٽيشن پهچي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڀرپور استقبال ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *