اسلام آباد(بيورو) حڪومت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا ٻنهي ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪوڙي اڪائونٽس ڪيس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي پنهجي جاچ بعد آصف علي زرداري سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي هئي. وفاقي ڪابينا جي آءِ ٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سمورا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. 7 جنوري تي ان ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.