ڪابل(م ڊ): تقريب ۾ ڌماڪي سان ستاويهه ماڻهو فوت، عبدالله عبدالله ذري گهٽ بچي ويو.افغان ميڊيا موجب گاديءَ جي هنڌ ڪابل ۾ حزب وحدت پارٽيءَ جي اڳواڻ عبدالعلي مزاري جي 25 هين ورسي جي تقريب دوران ڌماڪو ٿيو.مقامي ميڊيا جي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن افغانستان جي اعليٰ امن ڪائونسل جي سربراهه محمد ڪريم خليل تقرير ڪري رهيو هو، جڏهن ته ڌماڪي جي وقت افغان چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله، اڳوڻو صدر حامد ڪرزئي ۽ ٻيا اهم سياسي اڳواڻ تقريب ۾ شامل هئا.پرڏيهي وزارت جي ترجمان نصرت رحيمي ڌماڪي ۾ 27 ماڻهو فوت ۽ 29 جي زخمي هجڻ جي تصديق ڪئي.افغان ميڊيا موجب چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله اڳوڻو صدر حامد ڪرزئي، سربراهه امن ڪانفرنس، سيڪنڊ ڊپٽي چيف ايڪزيڪيوٽو ۽ ٻيون شخصيتون به تقريب ۾ شريڪ ٿيون.سيڪنڊ چيف ايڪزيڪيوٽو ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ حامد ڪرزئي محفوظ رهيا.افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته هٿياربند حملي آور تقريب جي جاءِ ويجهو تعمير ٿيندڙ عمارت مان حملو ڪيو، جڏهن ته اڃان تائين ڪنهن به حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.افغان ميڊيا جي موجب طالبان ٽوئيٽر ذريعي حملي ۾ ڪنهن به طرح شامل هئڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل سال به ان تقريب تي حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ 11 ماڻهو موت جو شڪار ٿيا هئا.