عمرڪوٽ(رپورٽ:غلام مصطفي مھر ) سنڌو درياھ بچايو ڪميٽيءَ جي سڏ تي سنڌ جون زمينون ڪمپنين حوالي ڪرڻ ۽ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف نڪتل بيداري مارچ عمرڪوٽ پهتو، مارچ جي وک وک تي آجيان ڪئي وئي ، سنڌو بچائڻ لاءِ نعرن جي پنڊال ۾ گونج جلسي ۾ سنڌو درياھ تي ٺھندڙ ڪئنالن کي رد ڪندي ،سنڌ جي زمين جي نيلامي کي بنا دير رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،جلسي کي خطاب ڪندي جي ڊي اي اڳواڻ فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي صدر پير صدرالدين شاھ راشدي چيو ته اسان سامراج اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو اسان ڪنڌ ڪپائي سگھون ٿا پر پوئتي نه هٽنداسين سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي مان قرارداد پاس ڪري پ پ وارا ثابت ڪن ته اھي سنڌ سان گڏ آھن دنيا جو ڪو به قانون سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ جي اجازت نٿو ڏئي جيڪڏھن پ پ وارا اسيمبلي ۾ قرارداد نٿا آڻي سگھن ته انھن کي غدار اعظم جو لقب ڏنو وڃي ھن چيو ته سنڌو درياھ تي ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيا ويندا بيداري مارچ جو مقصد سنڌ جي وسيلن تي لڳندڙ ڌاڙن بابت عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ عمرڪوٽ پُھتا آھيون ان ڪري عوام کي وسيلن بابت ھلندڙ تحريڪ ۾ وڌ کان وڌ ماڻھو شامل ٿيڻ گهرجي،هن چيو ته اسان ھن 47 فارم واري حڪومت کي قبول نٿا ڪيون ھن حڪومت گذريل 15سالن ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ھنن جي ڪرپشن جا فائيل اينڊ ڪمپني وٽ موجود آهن، ھو ڪرپشن جا فائيل ڏيکاري ھر مطالبا منظور ڪرائين ٿا سنڌ يونائٽيڊ پارٽي سنڌ جي صدر ۽ درياھ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاھ چيو ته سنڌو دريا سنڌ جي سڃاڻپ آھي سنڌو ڪروڙين سنڌ جي ماڻھن جو روزگار آھي ھن چيو ته سنڌ ۾ غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ۽ ٿر سميت سموري سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ واري حڪم نامو صدارتي ھائوس ۾ جاري ٿيو آھي ھن چيو ته سنڌ پاڪستان جو حصو آھي اسان سنڌ جي وسيلن تي ملي ڀڳت ڪري سودو ڪرڻ نه ڏينداسين ھن چيو ته پير صاحب پاڳاري سچ چيو آھي اقتدار خاطر صدر زرداري سودو ڪيو آھي،تحريڪ باوجود غيرقانوني ڪئنالن جو زوري ڪم شروع ٿي چڪو آھي عوام ھوشياري وٺي تحريڪ جو حصو بڻجو ته سنڌ جا وسيلا بچايون،هن چيو ته اسان سنڌ جي عوام کي پينو ٿيڻ نه ڏينداسين،جنهن رٿا سان ماڻهو بي گهر ٿيڻ جو خدشو هجي اهو گرين پاڪستان ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته دريا سنڌ اسان جو رت آھي جنھن کي بند ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻائينداسين سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو نامظور ڪيون ٿا ھن چيو ته زرداري تون سنڌ جي وسيلن کي کپائيندي ته سنڌ ۾ مزاحمت ٿيندي پي ٽي آئي جي صوبائي صدر ڊاڪٽر مسرور سيال چيو ته سنڌ جي وسيلن خاطر عمرڪوٽ جي عوام ڀرپور ساٿ ڏنو آھي رڳو سنڌو درياهه يا زمينن جو مسئلو ناھي ھي سنڌ جي عوام جي بقا جو معاملو آھي ،جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته 17 سالن کان پ پ پ حڪومت عوام جي خدمت بدران زحمت بڻجي، حڪومت جي آڙ ۾ اربن جي ڪرپشن ڪئي سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪيا پيا وڃن پر ۽ قانون انصاف جون عدالتون خاموش آھن ، اسان سنڌ جي وسيلن کي بچائڻ نڪتا آھيون، اڳوڻي پي ٽي آئي ايم اين اي لال مالھي چيو ته سنڌو درياھ تي ڌاڙو ۽ ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ويران ڪرڻ جي سازش آھي سنڌ جي عوام کي ڪنھن به صورت ۾ اھو قبول نه آھي سنڌ جي زمين کي کپائڻ نه ڏينداسين اڄ سنڌ جي عوام وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي اھو ثابت ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌو تي ڪئنال ڪڍڻ نه ڏنا ويندا قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظھر راھوجو چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار خاطر سنڌو درياھ تي 6 غيرقانوني ڪئنال جي منظوري ڏني آھي جنھن کي سنڌ جو عوام ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندو ھن چيو حڪمرانن سنڌ جي تباھي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آھي پ پ سنڌ جا درياھ سنڌ جا ٻيٽ، جبل ۽ اسان جي روزگار جا ذريعا کسي مستقبل ۾ اقتدار وٺڻ چاھي ٿي جنھن کي قبول نه ڪيو ويندو،هن چيو ته ڪرپشن ۽ اقتدار لاءِ ايوان صدر سنڌ تي حملي آور آھي اتر سنڌ ڌاڙيلن حوالي آھي،وزير منشيات ۽ ڏوھارين جا سرپرست آھن ميرٽ تباھ ڪري نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪيون پيون ڪرپشن ڪري سنڌ جو پئسو ٻاھر منتقل ڪيو پيو وڃي،هن چيو ته سنڌ جا ايم پي اي، ايم اين ايز ۽ سينٽر زمينن تي والار ۽ ڪينالن خلاف ڇو خاموش آهن. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نه ڪيو وڃي سنڌ دشمن منصوبا رد نه ٿيا ته ڪراچي کان ڪشمور تائين ھر ڪلو ميٽر تي مزاحمت ڪنداسين،جلسي کي روشن ٻرڙو،آزاد امير پنھور، وڪيل ڀاڳچند ڀيل،فقير غلام نبي منڱريو، غلام قادر منگريو،فقير منگن منگريو، فقير خضر حيات منڱريو، فقير مبارڪ مھر ،اڳوڻي ايم پي اي عبدرزاق راھمون، ارباب انور،دلاو مالڪاڻي ،ايس يو پي اڳواڻن روشن منڱريو، فقير محب منگريو ،سميت ٻين پڻ خطاب ڪيو.