ڪراچي( م ڊ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جا اگهه وڌائڻ جي درخواست رد ڪندي 85 رپيه في لٽر تي ئي وڪرو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير وڪرو ڪندڙن طرفان اگهه وڌائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. کير وڪرو ڪندڙن موقف اختيار ڪيو ته مقرر قيمت 85 رپيه في ڪلو کير وڪرو ڪرڻ سبب کين نقصان ٿي رهيو آهي تنهن ڪري اضافي جي اجازت ڏني وڃي. عدالت کير جا اگهه وڌائڻ جي درخواست رد ڪندي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ قانوني دليل طلب ڪيا ۽ جڏهن ته قيمت مقرر ڪرڻ بابت اجلاس جا تفصيل به طلب ڪيا. ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته کير جي قيمت اسٽيڪ هولڊرن جي مشوري سان مقرر ڪئي وئي آهي. عدالت ڪمشنر کي کير 85 رپيه في لٽر وڪري تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ وڌيڪ اگهه تي کير وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ گٽڪي جي وڪري تي پابندي برقرار رکڻ جو به حڪم ڏنو ۽ ڪمشنر کان هر ٽن مهينن جي عملدرآمد جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.