اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته کنڊ بحران جي جاچ رپورٽ منهنجي هدايت تي جاري ڪئي وئي آهي، ذميوارن کي سخت سزا ڏيڻ جو عوام سان واعدو ٿيل هو، اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو، وزيراعظم ڪابينا کي خطاب ڪندي چيو ته کنڊ بحران جي ذميوارن کي سزا ڏيڻ لاءِ عوام سان واعدو ڪيو هو.ذريعن موجب ڪابينا ميمبرن کي وزيراعظم جو چوڻ هو ته کنڊ بحران جي جاچ رپورٽ سندس چوڻ تي جاري ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پنجاب ۾ وڌيڪ تبديليون به ڪري سگهجن ٿيون.