لاهور(م ڊ): مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهبازشريف کنڊ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ ۾ ٻن هفتن جي دير کي ملي ڀڳت قرار ڏنو آهي.کنڊ انڪوائري ڪميشن ۾ دير تي شهبازشريف چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ۽ اي سي سي جي سربراهي ۽ کنڊ تي سبسڊي جي منظوري ڏيندڙ ذميوار آهن، فيصلن جا ذميوار عمران نيازي ۽ عثمان بزدار آهن، حتمي رپورٽ نه اچڻ عمران نيازي جي ڏوهه جو اعتراف آهي، حتمي رپورٽ ۾ دير 100 ارب روپين جي حڪومتي ڌاڙي جي تصديق آهي، رپورٽ ۾ دير ڪرڻ کنڊ جي ڌاڙيلن جي ذميوارن کي بچائڻ جي هڪ ڪوشش آهي، رپورٽ کي لڪائڻ سان عمران خان جو ڏوهه نٿو لڪي سگهي.