ڏهرڪي (رپورٽ وجي ڪمار) ڏھرڪي ڀرسان ڀوتارڪو ظلم, هاري پاران زمين وڪرو ڪرڻ کان انڪار تي ڀوتار جي پٽ هاري جي گهر ۾ زبردستي گهڙي هاري جي 15 سالن جي ڌيء کي مبينا اغوا ڪري ڏيڍ مهيني کان نجي قيد ۾ رکڻ جو انڪشاف ,ڀوتار زمين نه ڏيڻ تائين نينگري کي واپس نه ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو,مسڪين پورهيت جو ٻارڙن سميت نينگري جي واپسي لاء احتجاج خبر موجب ڪمون شهيد واري علائقي ڳوٺ حسين چاچڙ محمد شريف سومرو جي 15 سالن جي نينگري وزيرن سومرو کي ڳوٺ جي وڏيري الله اداد چاچڙ جي پٽ عبدلحميد چاچڙ,ڏيڍ مهينو اڳ زبرستي گهر ۾ گهڙي مبينا اغوا ڪري قيد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي,ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن جي نينگري جي والده مائي زرينا ,شهلا ,ثانيه ۽ مامو ايوب سومرو انڪشاف ڪندي ٻڌايو آھي ته ڏيڍ مهينو اڳ الله داد چاچڙ اسان کان ڳوٺ واري زمين زبردستي خريد ڪرڻ چاهي اسان جي انڪار تي الله داد چاچڙ جو پٽ عبدالحميد چاچڙ مردن جي غير موجودگي ۾ اسان جي گهر ۾ گهڙي 15 سالن جي وزيرن سومرو کي زبردستي اغوا ڪري پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو آھي ,هنن چيو ته اسان کي ڳوٺ جي وڏيرن خاموش رهڻ لاء چيو ۽ دلاسا ڏنا ته نينگري کي جلد واپس ڪرايو ويندو پر ڏيڍ مهينو گذري وڃڻ بعد وڏيري الله داد چاچڙ اهو شرط رکيو آھي ته جيڪڏهن اوهان ڳوٺ واري ڏهه ايڪڙ مون کي وڪرو ڪري ڏيو ٻي صورت ۾ وزيران کي واپس نه ڪيو ويندو ,هنن چيو ته اسان مڪسين آھيون اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي نينگري واپس ڪرائي ڏني وڃي ۽ اسان غريبن سان انصاف ڪيو وڃي