ڏکڻ پنجاب جي محرومين جا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن: بلاول ڀٽو زرداري
April 9, 2017 at 11:13 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور(م ڊ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو اسان وٽ غريب عوام لاءِ بهترين منصوبا موجود آهن، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ڏکڻ پنجاب مسلم ليگ ن کان آزاد ٿي ويندو، لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته مون کي اهو معلوم ڪري افسوس ٿيو آهي ته ڏکڻ پنجاب جي خواندگي شرح undefined۲ سيڪڙو آهي، پر انهن محرومي جا ڏينهن ختم ٿي چڪا آهن، هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جا رهواسي روشن مستقبل ۽ علائقي جي ترقي لاءِ تيار ٿي وڃن، ڇو جو چونڊن کان پوءِ انهن کي تخت رائيونڊا کان آزادي ملڻ واري آهي، هن چيو ته هارون آباد ۾ اسان جي ڪارڪن کي قتل ڪيو ويو ۽ ان جا قاتل هن وقت تائين گرفتار نه ڪيا ويا آهن، هن چيو ته حقيقت اها آهي ته شفاف جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪندڙ پنجاب حڪومت ئي اسان جي ڪارڪن جي قتل ۾ ملوث آهي.