ڏکڻ پنجاب جا ميمبر سنڌ جيان چونڊ اتحاد بڻائن: پير پاڳاري جي خسرو بختيار کي صلاح

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب جي ميمبرن کي صلاح آهي ته سنڌ جيان پنجاب ۾ به اتحاد بڻائن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خسرو بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب وارا اسان کان پري ناهن، نه انهن کان پري آهيون، ڏکڻ پنجاب وارن جو حق آهي، کين الڳ صوبو ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبو بڻجي وڃي ته بهاولپور کي صوبي جو هيڊڪوارٽر بڻايو، موجوده حڪومت يا ماضي جي حڪومتن کي صوبن بڻائڻو هو، ته هن تائين بڻائي ڇڏين ها. پير پاڳاري جو چوڻ هو ته اسان سڀ هڪ ئي پارٽي ۾ ضم نٿا ٿي سگهون ته اتحاد بڻائڻ گهرجي، چوڌري ڀائرن کي به چيو آهي ته هو ڪو اتحاد بڻائن، جيڪڏهن منهنجي جاءِ تي ڪير اچڻ چاهي ته ان جي به مون کي خوشي ٿيندي.پريس ڪانفرنس ۾ مسلم ليگ ن کان الڳ ٿي ڏکڻ پنجاب صوبو محاذ بڻائيندڙ خسرو بختيار چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جي نيت هجي ها ته صوبي بابت ٺهرائن تي عمل ٿئي ها.  هن چيو ته عوام عرصي کان انهيءَ انتظار ۾ آهي ته اِهي پارٽيون عمل ڪنديون، هاڻ به وقت آهي، ڪو خاص بندوبست ڪيو. خسرو بختيار وڌيڪ چيو ته حڪمران فوري طور ڪو قدم کڻن،  نه ته ٽنهي ڊويزنن ۾ ڪير به کين ڀليڪار چوڻ وارو نه هوندو، ڏکڻ پنجاب صوبي جي لاءِ قومي اسيمبلي مان نوان ٺهراءَ منظور ڪرائڻا پوندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *