ڏکڻ وزيرستان سوڌو فاٽا جي آءِ ڊي پيز جي آدمشماري دوران رجسٽريشن جي حوالي سان خدشا ختم ڪيا وڃن: اياز صادق

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ناڻي واري وزرات کي هدايت ڪئي آهي ته ڏکڻ وزيرستان سميت فاٽا مان عارضي طور تي لڏپلاڻ ڪندڙ (آءِ ڊي پيز) جي آدمشماري دوران رجسٽريشن جي حوالي سان ميمبرن جا خدشا ختم ڪيا وڃن ته جيئن آدمشماري جو عمل سٺي انداز ۾ پڄاڻي تائين پهچي سگهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران محمد جمال الدين جي ڏکڻ وزيرستان جي آءِ ڊي پيز لاءِ قومي آدمشماري ۾ ڪالم شامل نه ڪرڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ آدمشماري شروع ٿيڻ واري آهي ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي حڪومت سميت سمورين صوبائي حڪومتن سان رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته ڏکڻ وزيرستان جي اندروني لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو جتي به رهندڙ آهن انهن جي ڳڻپ اتي ئي ٿيندي، هي ماڻهو به ٻين ماڻهن جيئن معاشي ضرورتن تحت لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهو آهن. ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي محمد جمال الدين، نعيمه ڪشور خان ۽ شاهده اختر علي جي سوالن جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضال خان چيو ته ڏکڻ وزيرستان جا تمام گهڻا ماڻهو ملڪ جي مختلف حصن ۾ ڪم ڪندا آهن، انهن جو شمار هڪ ئي جڳهه ٿي سگهي ٿو، وفاقي وزير جنرل (ر) عبدالقادر بلوچ چيو ته فاٽا جي آءِ ڊي پيز جو ۸۰ سيڪڙو واپس وڃي چڪو آهي، باقي ۲۰ سيڪڙو ماڻهن کي به گهرن ۾ آباد ڪيو ويندو ۽ انهن جي گهرن جي تعمير لاءِ رقم به ڏني ويندي، اتر وزيرستان جي آءِ ڊي پيز جي تعداد ڏکڻ وزيرستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ۽ رجسٽريشن هڪ ئي جڳهه ٿي سگهي ٿي، پارلياماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته ڪنهن به ماڻهو جو ان جي اباڻي ضلعي سان تعلق ان جي شناختي ڪارڊ ۾ شامل آهي، ان لاءِ آدمشماري جي فارم ۾ ڌار ڪالم جي ضرورت نه آهي، اسپيڪر ناڻي واري پارلياماني سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو ته آءِ ڊي پيز جي حوالي سان خدشا ختم ڪيا وڃن، آدمشماري ٿي رهي آهي ته سٺي انداز ۾ پڄاڻي تائين پهچڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پارليماني سيڪريٽري رانا محمد افضل خان چيو ته آدمشماري ۾ عالمي قاعدن کي نظر ۾ رکيو پيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *