ڏکڻ آفريقا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ جارح بيٽسمين اي بي ڊي وليئرز کي ون ڊي ۾ 9 هزار رنسون جو سنگ ميل

ڪرائسٽ چرچ(اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ جارح بيٽسمين اي بي ڊي وليئرز کي ون ڊي ۾ 9 هزار رنسون جو سنگ ميل پار ڪرڻ لاءِ 50 رنسون گهربل آهن. اهڙي طرح هو اهو اعزاز حاصل ڪندڙ آفريقا جو ٻيو ۽ دنيا جو 18هون بيٽسمين بڻجي ويندو. توقع آهي ته هو نيوزيلينڊ خلاف جاري ون ڊي سيريز ۾ اهو سنگ ميل پار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. 33 سالن جي ڊي وليئرز 2205ع ۾ ون ڊي ڪيريئر جي شروعات، پنهنجي منفرد بيٽنگ اسٽائل سبب هو 360 جي نالي سان مشهور آهي، کيس ون ڊي ۾ تيز ترين اڌ سينچري ۽ سينچري ٺاهڻ جو اعزاز حاصل آهي. هو هن وقت تائين 212 ميچز ۾ 53.91 جي شرح سان 8950 رنسون اسڪور ڪري چڪو آهي جن ۾ 24 سينچريون ۽ 50 اڌ سينچريون شامل آهن، سندس بهترين اسڪور 162 ناٽ آئوٽ آهي. اي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *