اسلام آباد ( بيورو ) ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان فارورڊ آپريشنل ايئر بيسن جو دورو ڪيو. دوري دوران جوانن کي خطاب ڪندي ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان چيو ته سموري قوم کي هوائي فوج تي فخر آهي. هن چيو ته الله جو شڪر آهي جنهن اسان کي طاقت ڏني ته جو اسان قوم جي اميدن تي پورو لهي سگهياسين. هن چيو ته ڏکيو وقت اڃا ختم نه ٿيو آهي، دشمن جي اڳرائي جو جواب ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته الله جي سامهون سجدي ۾ آهيون سندس ٿورائتا آهيون جنهن قوم جي اميدن تي پورو لهڻ جي طاقت ڏني. ايئر چيف چيو ته ملڪي سلامتي ۽ دفاع جو فرض سرانجام ڏيڻ تي قوم کي ناز آهي.