اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو موجود آهي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪورونا صورتحال بابت اجلاس ٿيو، وزيراعظم کي لاڪ ڊائون ۾نرمي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هلندڙ سال ڪورونا وائرس ختم ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن، طبي ماهرن موجب ويڪسين جو هن سال ٺهڻ مشڪل آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي اسان جي مجبوري آهي، ڪورونا سبب ڊاڪٽرز ۽ اسپتالن تي دٻاءُ پوندو، پاڪستان ۾لاڪ ڊائون سبب 15ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اسان وٽ ايترا وسيلا ڪونهن جو ڪروڙين ماڻهن کي پالي سگهون، ايس او پيز تحت ڪاروبار کوليو ويو آهي، جنهن تي عمل ڪيو وڃي، ڪورونا وائرس سبب غريب عوام تي اثر پئجي رهيو آهي، ٽرانسپورٽ کولڻ بابت پوري طرح سان فيصلو ناهي ٿي سگهيو.