ڏوڪري ۾ قائم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي پبلڪ لائبرري مسئلن جو شڪار،شاگرد سراپا احتجاج

ڏوڪري (رپورٽ  عبدالجبار ميمڻ) ڏوڪري ۾ قائم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي پبلڪ لائبرري مسئلن جو شڪار ڪتابن، سولر سسٽم ،الماڙين، پئيڻ جي پاڻي کان علاوهه ٻين مسئلن جو شڪار ڪنهن به سار سنڀال نه لڌي شاگردن سراپا احتجاج بڻيل سهولتون ڏيو سهولتون ڏيون شاگردن جو اڀ ڏاريندڙ نعرن سان احتجاجي مظاهرو، تفصيلي رپورٽ موجب، ڏوڪري شهر ۾ پي ايس 41 جي چونڊيل سنڌ اسيمبلي جي ميمبر عزيز احمد جتوئي پاران پنهنجي پيءَ مر حوم رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي پبلڪ لائبري جو بنياد وجھهي لائبرري قائم ڪئي جيڪا 3 ڪمرن ۽ هڪ حال تي مشتمل آهي ڏوڪري جي وڏي پارڪ علي پارڪ ۾ قائم پبلڪ لائبرري جو بنياد وجهڻ کان وٺي هن محل تائين مسلسل مسئلن جي ور چڙهيل آهي جنهن ڪري ڏوڪري شهر سميت آس پاس جي سوين شاگردن کي سخت ڏکيائون پيش اچن ٿيون،ان سلسلي ۾ لائبرري کي قائم ٿئي 2 سال گذري ويا آهن پر شاگردن جي سهولت لا۽ ڪتاب اڻ پورا هئڻ سبب شاگرد سخت پريشانين ۽ مو جهارن جو شڪار آهن پر هن لائبرري طرف نه چونڊيل نمائندا نه وري ضلع انتظاميا نه وري ضلع چئير مين ڪو توجهه ڏيئي رهيا آهن ۽ ائين شاگرد پنهنجي وت آهر ڪتاب وٺي پنهنجي علم جي اڄ اجها.ن ٿا ،ان سلسلي ۾ شاگردن لائبرري جا مسئلا حل نه ٿيڻ کان پو۽ مجبور ٿي احتجاج جو رستو اختيار ڪري ورتو ان سلسلي ۾ لائبرري جي شاگردن محمد علي ميمڻ، نعيم انصاري،فرحاد ڏيرو،مقصود عباسي، زين ڀٽو، محبوب عالماڻي، ياسين ڏيرو، ۽ ٻين لائبرري جي آڏو احتجاجن احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي سهولتون ڏيو سهولتون ڏيون لائبرري کي سهولتن جا نعرا هڻسدا رهيا،جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائندي هنبن چيو ته لائبرري کي قائم ٿئي 2 سال گذري ويا آهن پر حڪومت هن ۾ سهولتون ڏيڻ کان ڀڄي رهي آهي هنن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ هو حد جي ايم اين اي ايم پي اي اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري، ڊي سي او لاڙڪاڻو ، ضلع چئير مين لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن ڏانهن وفد جي صو رت ۾ ويا آههيون ته اسان کي لائبرري ۾ سهولتون ڏنيون وڄن پر هن مهل تائين ڪو به کڙ تيل ناهي نڪتو جنهن سبب مجبور ٿي اسان احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي،هنن چيو ته نه الماڙيون نه پورا ڪتاب نه بجلي بند ٿيڻ کان پو۽ ڪا سهولت آهي نه وري پاڻي پئيڻ جي لا۽ فلٽر پلانٽ آهي جنهن ڪري اسان مجبور ٿي پڙهي رهيا اهيون پر تڪليفون وڌيڪ آهن هنن حڪومت سنڌ ۽ وس وارن کان گهر ڪئي ته هن رئيس غلام مصطفيٰ ڪتوئي پبلڪ لائبرري ۾ سهولتون ڏيون وڄن ته اسان جئين وڌيڪ علم جي اڄ اجهائي سگهون،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *