ڏوڪري(رپورٽر) پاڪستاني بارڊر تي پاڪ فوج جي شهيد جوان عبدالجبار جوڻيجو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ لاءِ زراعت جو صوبائي وزير سهيل انور سيال پاران سيهڙ اسٽيشن پهچي، سندس وارثن مولانا اسلام الدين جوڻيجو سان دعا گهري. ان موقعي تي ايم پي اي خورشيد جوڻيجو، محمد علي ڀٽو، ضلعي چيئرمين خان محمد سانگهرو، پ پ جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح ڀٽو، يوسي سيهڙ چيئرمين محمد اسماعيل چانڊيو، غلام نبي سرگاڻي، زاهد سيهڙ، وزير علي ڪيهري ۽ ٻيا گڏ هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير سهيل انورسيال، يوسي سيهڙ جي وائيس چيئرمين غلام عباس ميربحر بيمار هئڻ بعد گهر وڃي عيادت ڪري هڪ لک روپيا مالي مدد ڪئي، جنهن کانپوءِ هن ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو ته شهيد ٿيل فوجي هڪ بهادر سپاهي هو، جنهن ملڪ لاءِ وڙهندي شهادت ماڻي، سندس جي بهادري تي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پ پ حڪومت ۽ سنڌ کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي. هن چيو ته ڏوڪري باقراڻي جي عوام سان اڻ ٽٽ رشتو آهي، جنهن جي هر ڏک سک ۾ اسان سان گڏ آهيون. عوام اسان جو هر وقت رابطو آهي ڇو ته پ پ حڪومت عوامي پارٽي آهن ۽ عوام جا مسئلا ڪرڻ ۾ رڌل آهي.