ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي جي ظفر بازار جي پسٽي سائيڊ مارڪيٽ ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چور دڪاندار نند لعل جي دڪان جا تالا ٽوڙي 250 ڊي اي پي جون ٻوريون ۽ زرعي دوائون چوري ڪري ويا، دڪاندارن چوري واقعي خلاف احتجاج ڪندي ظفر بازار مڪمل بند ڪري ڇڏي، دڪاندار نند لعل چيو ته ظفر بازار شهر جي مصروف ترين مارڪيٽ آھي، هتان ڪيئن چوري ٿي آھي، ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، هن چيو ته 50 لک ماليت جي چوري ٿي آھي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته چور گرفتار ڪري سامان واپس ڪرايو وڃي.