ڏهرڪي(رپورٽر) ڏهرڪي ڀرسان قبضا مافيا غريب هاري جي زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش، هٿياربندن جي فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ٻه ڄڻا زخمي، ٻنهي ڄڻن کي تعلقه اسپتال پهچايو ويو، ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب رحيميارخان اسپتال منتقل، ريتي ٿاڻي تي ڪيس داخل، پوليس بااثر جوبدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي، غريب هاري جو ريتي پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج، تحفظ ۽ انصاف جي اپيل، خبر موجب ڏهرڪي ڀرسان ڳوٺ عظيم شر ۾ بااثر قبضا مافيا غريب هاري احسان شر جي 8 ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ لاءِ هٿياربندن حملي ڪري ڏنو، مزاحمت ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ جا ڌوڙيا لائي ڏنا، شديد فائرنگ جي نتيجي ۾ احسان علي شر ۽ ڀائيٽو نادر علي شر گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا، ٻنهي زخمين کي ڏهرڪي جي تعلقه اسپتال پهچايو ويو، حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس رحيميارخان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ متاثر ڌر مٺو شر، شبير شر، ابراهيم شر، شير محمد شر، شهباز شر، منٺار شر، رشيد شر ۽ ٻين ريتي پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين چيو ته تر جو بااثر وڏيرو امام الدين شر جيڪو قبضا مافيا جو مک اڳواڻ آهي، جنهن علائقي ۾ زمينن تي ناجائز قبضا ڪيا آهن، هنن چيو ته اسان جي 8 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ امام الدين شر هٿياربند عثمان شر، قمر الدين شر، رفيق شر، علي گل شر، شاهنواز شر، احمد علي شر، حبن شر ۽ ٻين حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ احسان شر ۽ سندس ڀائٽيو نادر علي شر گوليون لڳڻ سبب سبب سخت زخمي ڪيو آهي، جيڪي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميارخان جي اسپتال ۾ داخل آهن، هنن چيو ته بااثر وڏير امام الدين شر ۽ سندس ساٿين خلاف ريتي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو آهي انهي جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته جيڪڏهن زمين مان هٿ نه کنيو ته توهان کي پنجاب ۾ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦسائي هاءِ فراءِ ڪرائي ڇڏيندس، اسان غريب آهيون فصل پوکي پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پاليندا آهيون انهي تي به قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، هنن چيو ته امام دين شر اهڙي قسم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث آهي قبضا مافيا گروپ جوڙي غريب ڳوٺاڻن جي زمين تي قبضا ڪري رهيو آهي پر ريتي پوليس سندس خلاف ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ امام دين شر جو قبضا مافيا گروپ خوف جي علامت بڻجي چڪو آهي، اسان جي ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، هنن ايس پي گهوٽڪي مسعود بنگش کي اپيل ڪئي ته مذڪوره بااثر خلاف ڪاروائي ڪري کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.