ڏنگي ۽ ڀنڊار معاملو، وفاق تي سنڌ جي احتجاجن جو اثر نه ٿيو، تاحال شهر اڏڻ تي بضد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي مخالفت باوجود وفاق ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري هوڏ تي قائم آهي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٻيٽن بابت اجلاس ۾ پاڪستان آئيلينڊ ۽ راوي اربن ڊولمپمينٽ اٿارٽيز پاران منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. وزير اعظم چيو آهي ته سامونڊي پٽي تي شهر اڏڻ سان سياحت ۾ واڌ سان گڏ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، ٻنهي منصوبن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، معيشت ۽ عام ماڻهن جي زندگي بهتر ٿيندي.معيشت ۽ عام ماڻهن جي زندگي بهتر ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *