اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي وزير علي زيدي سنڌ جَي ڏنگي ۽ ٻنڊاڙ ٻيٽن کي وفاقي حڪومت جِي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو، علي زيدي جو چوڻ هو ته پورٽ قاسم اٿارٽي ٺهڻ وقت ڏنگي ۽ ٻنڊاڙ سميت ٻيا ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جِي حدن ۾ آيا، تنهنڪري اُهي وفاق جِي ملڪيت آهن، اُهي ٻيٽ پاڪستان نيوي کي ليز تي به اٿارٽي ڏنا آهن، 18هين ترميم کانپوءِ آئين جَي آرٽيڪل 172 موجب رڳو اها زمين صوبي جِي ملڪيت آهي، جنهن جو ڪو وارث نه هجي، پر ٻيٽن جِي مالڪي وفاق وٽ آهي، سنڌ حڪومت کي اِن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي. گورنر سنڌ عمران اسماعيل چيو آهي ته وفاقي سرڪار ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو پلان تيار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي ڏيڍ لک نوڪريون ڏنيون وينديون، 40 کان 50 لک سياح ايندا، 50 ارب رپين جِي آمدني ٿيندي، اِهي سڀ پيسا سنڌ حڪومت کي ملندا، اسلام آباد ۾ وزيراعظم سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر چيو ته سنڌ جَي وڏي وزير سان ملاقات ڪري ٻيٽن بابت سندن خدشا ختم ڪنداسين، قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪو نه هو، ان ڪري اٿارٽي جو آرڊيننس آڻڻو پيو.