ڏنڊي سان نه پر افهام ۽ تفهيم سان حڪومت ٿي سگهي ٿي، چوڌري نثارعلي خان جو عمران خان کي مشورو

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان وزيراعظم عمران خان کي مشورو ڏنو ته ڏنڊو کڻي نه پر افهام ۽ تفهيم سان حڪومت ٿي سگهي ٿي احتساب ضرور ٿئي پر بنا فرق ٿيڻ گهرجي اهو احتساب نه آهي جو مخالف ڌر کي نپوڙي ڇڏيو ۽ حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن کان ڪوبه نه پڇي نيب مخالف ڌر جو هڪ ماڻهو گرفتار ڪري ٿو ته پوري حڪومتي ٽيم پريس ڪانفرنس ڪري چوي ٿي ته اسان پڪڙيا آهي وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي نه ڇڏينداسين عمران خان کي بيٽنگ وڪيٽ ملي آهي اترو سٺو ماحو شايد مسلم ليگ (ق) کي مليو هو هڪ انٽرويو ۾ چوڌري نثارعلي خان چيو ته مان چوان ٿو ته احتساب ضرور ٿيڻ گهرجي. چووڌري نثارعلي خان چيو ته جهڙي طرح نيب قانون مخالف ڌر تي لاڳوو ٿئي ٿو اهڙِ طرح اوهان جي ماڻهن تي به لاڳو ٿئي ٿو هڪ سوال تي هن چيو ته بيان سان ماڻهن کي يقين ناهي ايندو نيب کي جيڪڏهن ڪوئي ماڻهن مخالف ڌر پاران گرفتار ڪري ٿو ته حڪومت جي پوري ٽيم پريس ڪانفرنس ڪري ٿي چوڌري نثار چيو ته جيڪڏهن انڪوائري اسٽيج تي مخالف ڌر پاران ڪوئي ماڻهو گرفتار ٿئي ٿو ته اهڙي طرح حڪومت جو به ماڻهو گرفتار ٿيڻ گهرجي هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي صرف اهو ئي چوندس ته کين بيٽنگ وڪيٽ ملي آهي ۽ هو اسپن وٺي رهي آهي ۽ نه ئي پيس بلڪل سڌو کيڏڻو آهي پر پهريان سڌو کيڏو ته ٺيڪ هن چيو ته اها ڳالهه ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته ڏنڊو کڻي اوهان حڪومت ڪندا پر حڪومت افهام ۽ تفهيم سان به ٿي سگهي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *