ڌڙن ۾ ورهائجي ويندڙ ايم ڪيو ايم عوام جي ڇا خدمت ڪندي: وڏو وزير

خيرپور (شاهد سيال وٽان) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ايم ڪيو ايم پاڻ ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي، اها عوام جي ڇا خدمت ڪندي، نواز شريف پنهنجون ڪوتاهيون لڪائڻ لاءِ پ پ تي الزام هڻي رهيو آهي. خيرپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڌڙي بندي کانپوءِ ايندڙ بيانن تي افسوس آهي، جن کي پنهنجي ماڻهن تي ئي اعتماد ناهي، اهي عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندا، ايم ڪيو ايم ۾ اتحاد قائم ٿيڻ کان اڳ ئي اختلاف پيدا ٿي ويا، انهن جي پاڪ سرزمين پارٽي سان رڳو 8 ڪلاڪ مفاهمت ٿي. سندس چوڻ هو ته هن وقت امن امان جي سڀ کان وڌيڪ بهتر صورتحال سنڌ ۾ آهي، ڪنهن کي به ڪراچي جي امن سان کيڏڻ نه ڏينداسين. نقيب الله جي قتل بابت پڇيل سوال جي وڏي وزير چيو ته پ پ ڪنهن به ڏوهاري جو ساٿ نه ڏيندي، رائو انوار تي ضرور ڪيس هلايو ويندو. هن چيو ته رائو انوار هڪ ڏوهاري آهي پر جيڪڏهن بي ڏوهه آهي ته پاڻ کي عدالت ۾ پيش ڪري اهو ثابت ڪري. مراد علي شاهه چيو ته مئي جي آخر ۾ اسيمبلين جو مدو ختم ٿيندو ۽ عام چونڊون پنهنجي وقت تي ٿينديون، جنهن ۾ پ پ ڪاميابي ماڻيندي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *