لاهور (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، جيڪڏهن اهي ڌمڪيون ڏيندا ته هتي سڄي قوم گڏ بيٺل آهي. لاهور ۾ سرڪاري ملازمن کي خطاب ڪندي عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارتي قيادت تڪبر کي ڇڏيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ بهتري ايندي پر هن واضح ڪيو ته ڀارت لاڳاپا بهتر ڪرڻ جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهي. سندس چوڻ هو ته بيورو ڪريسي سياست مداخلت سبب هيٺ هلي وئي آهي، اسان ان کي غير سياسي بڻائينداسين، توهان کي هن حڪومت ۾ پيشيوراڻي انداز ۾ فرض انجام ڏيڻ جو موقعو ملندو، سرڪاري ملازمن تي غلط ڪم ڪرڻ جو دٻاءُ نه وڌو ويندو. هن چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو گورننس آهي، ملڪي ادارا قرضن ۾ ٻڏل آهن، پاڪستان ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، عوام پوليس جي عزت ڪندو ته پوليس آئيڊيل ٿيندي آهي. عمران خان سرڪاري ملازمن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جهڙي سياسي حڪومت توهان کي ملي آهي اها وري نه ايندي، ان سياسي حڪومت جو قدر ڪيو، اسان چين آف ڪمانڊ ذريعي وينداسين، سنئين سڌي سياسي مداخلت نه ڪنداسين، ڪڏهن به ڪنهن ضلعي ۾ ڪو مسئلو ٿئي ته وڏي وزير کي ٻڌايو.27