اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته تصديق ٿيل اطلاع آهن ته ڌرڻي ۾ ڪجهه شرپسند موجود آهن، جيڪي لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا، اسان چاهيون ته ٽن ڪلاڪن ۾ آپريشن ذريعي هنڌ خالي ڪرائي سگهون ٿا. اسلام آباد ۾صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ختم نبوت جي حوالي سان ڪو تڪرار ناهي، اهو قانون ڳجهي طريقي سان نه ٺهيو، ڪميٽي ۾ مذهبي جماعتن جا نمائندا به موجود هئا، ڪنهن سينيٽ کان اڳ اعتراض به نه واريو، اسان شڪ جي بنياد تي به ترميم جي اجازت ڏني، هاڻ ختم نبوت جو قانون وڌيڪ مضبوط ۽ سنگين ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن لکين شهرين کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، حڪومت کي شهرين جي پريشانيءَ جو مڪمل احساس آهي، فيض آباد کي سيڪيورٽي فورسز ذريعي خالي ڪرائي سگهون ٿا پر پڪا اطلاع آهن ته ڪجهه شرپسند موجود آهي، جيڪي لاش ڪيرائڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته ڌرڻي وارن کي سياست چمڪائڻ نه ڏينداسين، انهن جي مقصدن کان واقف آهيون، اڳواڻ ختم نبوت تي سياست ڪري رهيا آهن، ان سان ملڪ جي اميج کي نقصان پهچي رهيو آهي، اهي ڌرڻي سان ختم نبوت جي ڪا خدمت نه ڪري رهيا آهن، رياست انهن اڳيان سرينڊر نه ڪندي. احسن اقبال چيو ته اسان ڳالهين جو رستو به اختيار ڪري رهيا آهيون، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ اهم اعلان ممڪن آهن، ڌرڻو هڻندڙ جائز مطالبن ۽ شڪايتن تي اسان سان ڳالهائين، جنهن قانون جي اهي ڳالهه ڪري رهيا آهن اهو قانون واري وزارت تيار ناهي ڪيو، ڪنهن جي ضد ۽ انا لاءِ قانون وارو وزير استعيفيٰ نٿو ڏئي سگهي.