اسلام آباد( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرڻو ختم نه ڪرائڻ تي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڌرڻو ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران چيف ڪمشنر ۽ گهرو سيڪريٽري پيش ٿيا. عدالت ڌرڻو ختم نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گهرو وزير احسن اقبال کي توهين عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيف ڪمشنر کان پڇا ڪئي ته عدالتي حڪمن باوجود اڃا تائين ڌرڻو ختم ڇو نه ڪرايو ويو آهي. چيف ڪمشنر ٻڌايو ته کين حڪومت اپاءَ اختيار ڪرڻ کان روڪيو آهي ۽ گهرو وزير احسن اقبال پاڻ اها ڳالهه عدالت ۾ به چئي آهي، هن انتظاميه کي ڪارروائي کان روڪيو آهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته ڪو وزير ايستائين جو وزيراعظم به ڪيئن عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي ٿو، اها ته عدالت جي حڪمن کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش آهي، گهرو وزير عدالتي حڪم باوجود انتظاميه کي ڪنهن اٿارٽي تحت ڌرڻو هڻندڙن خلاف ڪارروائي کان روڪيو جڏهن ته اڃا تائين ڪارروائي به نه ڪئي وئي آهي. چيف ڪمشنر ٻڌايو ته ڪارروائي کان روڪڻ جو مقصد ڳالهيون جاري رکڻ آهي. گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته جيڪڏهن اسان ضرورت کان وڌيڪ طاقت جو استعمال ڪنداسين ته تمام گهڻي رتوڇاڻ ٿيندي پر جتي ضرورت پئي اتي رياست ڀرپور سموري طاقت استعمال ڪندي، اسان رياست جي مفاد کي نظر ۾ رکندي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهيون، ڪجهه شيون هتي نه ٻڌائينداسين، چيمبر ۾ گهرائيندا ته ضرور ٻڌايو ويندو.