ڌرتي ڌڻين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته “سنڌي ايماندار، روادار ۽ امن پسند قوم آهن؛جلال محمود شاهه

ڪراچي(پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد جلال محمود شاهه گذريل ڏينهن 20 آگسٽ تي “ڪرپشن، مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي” خلاف “ سنڌ مارچ” ۾ شريڪ ٿيندڙ سڄي سنڌ مان آيل پارٽي ڪارڪنن، سڄاڻ شهرين، دانشورن، اديبن ۽ قومي ڪارڪنن ۽ همدردن طرفان ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته ڌرتي ڌڻين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته “سنڌي ايماندار، روادار ۽ امن پسند قوم آهن”. سنڌ مارچ ۾ عورتن، ٻارڙن، نوجوانن ۽ پڪن پوڙهن کي شرڪت ڪرڻ تي قومي سلام پيش ڪيان ٿو. سنڌ مارچ ۾ سڄي سنڌ مان لکن جي تعداد ۾ سنڌ جي عوام جي شرڪت ڪرپشن جي خلاف نفرت جو ثبوت هيو ۽ سڄي سنڌ جي عوام جي ان تاريخي ريفرنڊم کانپوءِ سنڌ حڪومت پنهنجي حڪمراني جو اخلاقي جواز وڃائي ويٺي آهي. سنڌ حڪومت اسيمبلين جي ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي ڀلائي، بهتري ۽ خودمختياري بجاءِ پنهنجن ڪرپٽ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ قانونسازي ڪري ڪرپٽ سياستدانن توڙي ڪامورن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪا قانونسازي بدنيتي تي ٻڌل آهي، جنهن خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪندي. سيد جلال محمود شاهه چيو ته هـُو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو پڻ ٿورائتو آهي، جن سنڌ مارچ کي ڀرپور نموني ڪوريج ڏئي حق ۽ سچ جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *