ڌرتيءَ جي بچاءَ کان وڌيڪ ڪا شئي مقدس ناهي: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ کان وڌيڪ ڪا شئي  مقدس ناهي. آء ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سيالڪوٽ ڀرسان ورڪنگ بائونڊري جو دورو ڪيو. ان موقعي تي آرمي چيف جوانن جي بلند حوصلي ۽ تياري کي ساراهيو. ورڪنگ بائونڊري تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ کان وڌ ڪا شئي مقدس ناهي. هن چيو ته مون کي پاڪ فوج جي قيادت ڪرڻ تي فخر آهي ۽ پاڪ فوج وطن جي بچاءَ لاءِ هر وقت تيار آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *