ڪراچي(رپورٽر ) نادرا پاران ڪراچي اندر ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ خلاف سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران علامتي بُک هڙتال، ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ وارو عمل بِنا دير بند ڪرڻ جو مطالبو ڪندي اڳواڻن چيو آهي ته نادرا چيئرمين خلاف قدم کڻي کيس سزا نه ڏني وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ان حوالي سان ڪالهه ايس يو پي سربراھ سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، سيد غلام شاهه، اعجاز سامٽيو، ادريس چانڊيو، يونس مهر،محبوب عباسي، آصف بالادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو زبردست احتجاجي مظاهرو ڪري نادرا چيئرمين خلاف سخت نعريبازي ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نادرا چيئرمين عثمان مبين کي ڪراچي اندر کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي جيڪو غيرقانوني طريقي سان ڪراچي ۾ برمين، بنگالين، بهارين، افغانين ۽ ٻين غيرملڪي ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته نه صرف سينٽرن تي تيزي سان پرڏيهين کي ڪارڊن ٺاهي ڏيڻ لاءِ نادرا جي عملي تي دٻاءُ وڌو پيو ۽ پرڏيهين کي ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ جي وڌيڪ سهوليت مهيا ڪرڻ لاءِ موبائل ٽيمون تشڪيل ڏنيون آهن جيڪي گاڏين تي ويهي رجسٽريشن ڪري رهيون آهن، سيد جلال محمود شاهه نادرا جي سهوليت سان ڌارين کي ڪوڙن تصديقي سرٽيفڪيٽن ۽ دستاويزن ذريعي ڌارين جي لوڌ کي هتان جو شهري بڻايو پيو وڃي جيڪو اسان کي هرگز قبول ناهي.043041