ڊي سي لاڙڪاڻي پاران عوام جي مسئلن جي حل لاءِ کليل ڪچهري،ماڻهن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

ڏوڪري(رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڪاشف علي ٽيپو پاران مختيارڪار آفيس ڏوڪري ۾ تعلقي ڏوڪري جي عوام جي مسئلن جي حل لا۽ کلي ڪچهري منعقد ڪئي جنهن ۾ اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري عبدالمجيد زهراڻي مختيارڪار انيس الرحمان ٻرڙو ڊي ايس پي ڏوڪري جاويد وڌو ايم ايس تعلقه اسپتال ڏوڪري ڊاڪٽر سيد امجد علي شاهه چئيرمين ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري لياقت علي سومرو باڊهه ٽائون ڪاميٽي جو چئيرمين محمد خان چنو، واپڊا ايس ڊي او الله ڏتو سوهو ۽ لائين سپريڊنٽ اختيار احمد سوهو، چيمبر آف ڪامرس ڏوڪري شوڪت علي سومرو جماعت اهل سنت جو اڳواڻ حافظ شوڪت علي سومرو شيعا علما ڪا ئونسل جو اڳواڻ منظور جلباڻي ، سيد علي گو هر شاهه  عثمان جهتيال ، ڏوڪري جي مختيارڪار آفيس ۾  ڪرايل ڪچهري ۾ واپارين، سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ٻين شعبن سان. کليل ڪچهري دوران آيل ماڻهن ڊپٽي ڪمشنر آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. شهرين جو چوڻ هو ته ڏوڪري تعلقي انيڪ مسئلا آهن جن جون فوري حل نه ڪڍيو ويو ته عام ماڻهو جو جيئڻ ڏکيو بڻجي ويندو. شهرين شڪايت ڪندي چيو ڏوڪري شهر ۾ بجلي جي شديد لوڊشيڊنگ  ۽ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ سبب هڪ طرف ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف عام شهري پڻ متاثر ٿئي ٿو. شڪايت دوران شهرين مختيارڪار آفيس، تعلقي اسپتال، پوليس اسٽيشن، ٽي ايم او آفيس ۽ ٻين آفيسن ۾ عام ماڻهن سان بدسلوڪي واري  رويي جي سخت شڪايت ڪئي وئي. شهرين چيو ته جيڪڏهن تعلقي جي روڊن کي ٺهرايو وڃي ۽ صفائي سٿرائي جو نظام بهتر ڪيو وڃي ته عام ماڻهوءَ کي تمام گهڻي سهولت ٿي پوندي.  کليل ڪچهري ۾ جماعت اهلسنت جي  حافظ شوڪت جتوئي، عثمان جهتيال، منظور جلباڻي، سيد علي گوهر شاهه، سچل ٻگهيو، ذوالفقار کوسو، محبوب بروهي، فدا حسين ابڙو، ديدار شيخ،  پ پ اڳواڻ غلام مصطفيٰ  گاڏهي، يوسي ڪاراڻي جو چيئرمين  محمد جمن ٻگهيو،  يوسي وڪڙو جي چيئرمين غلام حسين سولنگي ۽  ٻين اسڪولن جو بلڊنگيون،  مختلف ڳوٺن ۾ کولسي آسمان هيٺ  ٻارڙا پڙهن ٿا.  جڏهن ته  موهن جو  دڙو کان ڪاراڻي ويهڙ تائين  ۽ مهبڻ  تائين روڊ جي  تعمير  جا مطالبا. ان کان علاوه  روينيون ڊپارٽمينٽ  ۽  صفائي سٿرائي جو دانهون پڻ ڪيون ويون.  جنهن تي  ڊپٽي ڪمشنر  پاران اسسٽنٽ ڪمشنر  عبدالمجيد زهراڻي کي هدايتون ڪيون ته کلي ڪچهري ۾ ماڻهن پاران ڪيل شڪايتن جو جلد کان جلد ازالو ڪيو وڃي. ۽  ماڻهن کي سهولتون ڏنيون وڃن. آخر ۾  کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف علي ٽيپو عوام جي شڪايتن تي لاڳاپيل ادارن جي ذميوارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ۽ عوام جون ڏکيائيون ختم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيون. ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف علي ٽيپو جو چوڻ هو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ سندن پهرين ترجيح آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ذميوار آفيسر پنهنجي ذميواري پوري نه ٿو ڪري ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيوته  عوام جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جو  فرض آهي. ۽ ان ئي ڪري هي کليل ڪچهريون ڪري عوام جا مسئلا ٻڌئون ٿا. هن چيو ته هن کليل ڪچهري ۾ عوام پاران ڪيل مطالبن جي حل لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري هڪ ميهيني اندر مسئلا حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته  انسان ذات جي خدمت ڪرڻ عبادت آهي.  ۽ اها عبادت ڪندا رهنداسين. ان کان اڳ هن مختيار ڪار آفيس ڏوڪري ۾  قائم  ڪيل پوليو سينٽر جو  افتتاح ڪيو. جڏهن ته فاريسٽ کاتي لاڙڪاڻي جي  آفيسر عبدالڪريم مڱريو پاران مختيار ڪار آفيس ۾  وڻ پوکڻ جو پڻ  افتتاح ڪرايو. ان موقعي تي  ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي جي پي آر او  عاصم علي، تپيدار ڪامران منگي، شڪيل سومرو، شاهد ڪانڌڙو ۽ ٻيا موجود هئا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *