ڊي جي نيب کي چيو آهي ته ماڻهن سان احترام سان پيش اچن: چيف جسٽس

لاهور ( م ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ڊي جي نيب کي ماڻهن سان احترام سان پيش اچڻ جو چيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ گريٽر لاهور سوسائٽي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اڳوڻو نگران قانون وارو وزير ضياءَ  حيدر رضوي عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت نيب کي 15ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهو سوسائٽين تي نانگ بڻجي ويٺا هئا سندن بدلي ڪرائي وئي ته سياسي ماڻهن جون سفارشون ڳولڻ شروع ٿي ويا. ضياءَ حيدر چيو ته گريٽر لاهور سوسائٽي ۾ مون کي نيب ۾ به گهرايو ويو آهي، نيب جو ڪيس بند ڪرايو. چيف جسٽس چيو ته نيب جو ڪيس بند نه ٿو ڪرائي سگهان، ڊي جي نيب کي چيو آهي ته ماڻهن سان احترام ۾ پيش اچن، ضياءَ حيدر صاحب جڏهن نيب اچي ته ساڻن احترام سان پيش اچو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *